Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

نسلن کي به سنواري ڇڏيندو آهي، جيئن ته

حضرت سيدُنا عبدُالله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا فرمائن ٿا: بيشڪ الله پاڪ انسان جي نيڪو ڪاري مان ان جي اَولاد ۽ اَولاد جي اَولاد جي اِصلاح فرمائيندو آهي، ان جي نسل ۽ ان جي پاڙي وارن ۾ ان جي حفاظت فرمائيندو آهي ۽ اهي سڀ الله پاڪ جي طرفان امان ۾ رهندا آهن۔ (تفسيردُرِّمَنثور،۵/۴۲۲)

فڪر جي ڳالھ هي آهي ته ماءُ پيءُ ئي جيڪڏهن فيشن جا شوقين هوندا، ماءُ پيءُ ئي فلمون ڊِراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ جا شوقين هوندا، ماءُ پيءُ ئي بد عملي جو شڪار هوندا، ماءُ پيءُ ئي ضروري دِيني مسئلن کان ناواقف هوندا، ماءُ پيءُ ئي سُنّتن کان پاسو ڪندڙ هوندا، ماءُ پيءُ ئي بي پردگي ۽ بي حيائي ۽ طرح طرح جي باطني بيمارين جا شڪار هوندا ته اهڙن جو اولاد گھٽ ئي باعمل ۽ باڪردار ۽ عاشقِ رسول بڻجي سگھي ٿو۔ تنهنڪري ماءُ پيءُ کي گھرجي ته سڀ کان پهريان اهي پاڻ کي عِلم ۽ عمل جي زيور سان سينگارين خاص ڪري فرض علم سکن، نمازِ پنجگانه جو اِهتمام ڪن، تِلاوتِ قرآن کي پنهنجو معمول بڻائن، سُنّتون اپنائن، شرم ۽ حيا جا پيڪر بڻجن ۽ پنهنجي ظاهر ۽ باطن کي اسلامي تعليمات جي مطابق سنوارڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن اهي پنهنجي اَولاد جي صحيح طريقي سان مدني تربيت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن۔

ياد رکو! اَولاد جي درست اسلامي طريقي سان مدني تربيت ڪرڻ، والدين جي اهم ترين ذميدارين ۾ شامل آهي، جيئن سيپاري 28 سورةُ التَّحرِيم جي ڇهين آيت سڳوري ۾ ارشادِخداوندي آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا قُوْۤا اَنْفُسَكُمْ وَ اَهْلِیْكُمْ

(ترجمو ڪنزالايمان : اي ايمان وارؤ! پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي ان