Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

پيسا ۽ موبائل کسيا ويندا آهن، اڄ بي رحم ۽ ظالم ماڻهو پيسن جي لاءِ بد مَست ٿي ننڍن ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين کي اغوا ڪري يا ته ان ويچارن کي جان سان ئي ماري ڇڏيندا آهن يا والدين کان اغوا براءِ تاوان جي نالي تي پيسا وٺي ڄڻ ته پنهنجي لاءِ ڪا وڏي ڪاميابي سمجھن ٿا، حالانڪ اهي ظالم ۽ نادان ماڻهو پنهنجي دُنيا ۽ آخرت کي تباھ وبرباد ڪري رهيا آهن، جي ها! ڪڏهن ته جيئري دُنيا ۾ ئي اهڙا ظالم ماڻهو ٻين جي لاءِ نشانِ عِبرت بڻجي ويندا آهن يا ڪڏهن ڪتي جي موت مارجي ويندا آهن، پر اهو ظلم ۽ زِيادتي جو ڪيترو بُرو نشو لڳل آهي جو هن مان عبرت حاصل نٿا ڪن، ياد رکو! هاڻي ته اهو سڀ آسان (Easy) لڳي رهيو هوندو، پر قِيامت ۾ تمام ڏکيو ٿي ويندو۔ جيئن اعليٰ حضر ت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: ’’جيڪو دُنيا ۾ ڪنهن جا تقريبًا ٽي (3) پيسا دَين (يعني قرض) ڦٻائي وٺندو، بروزِ قيامت ان جي بدلي ست سو (700) باجماعت نمازون ڏيڻيون پونديون۔‘‘ (فتاويٰ رضويه،۲۵/ ۶۹)

حقوق العباد! آہ! ہوگا مِرا کیا!                                      کرم مجھ پہ کر دے کرم یاالٰہی

  (وسائل بخشش مرمم،ص۱۱۰)

 (2) ٻيو مدني گل اهو مليو ته پهريان جي عورتن ۾ نامحرمن کان شرعي پردو ڪرڻ جو مدني جذبو تمام گھڻو موجود هو، جيئن ته سرڪارِ بغداد، حُضورغوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والده رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جي باري ۾ اسان ٻڌو، اهو ئي سبب آهي جو انهن جي نسلن ۾ اولياءِ ڪاملين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی پيدا ٿيندا هئا۔ پر هاءِ! هاڻي ته هر پاسي بي پردگي ۽ بي حيائي جي آفت پنهنجي وڪڙ ۾ ماڻهن کي قابو ڪري رکيو آهي۔ طِب، سفر، تعليم، بينڪنگ، صحت، راند، واپار، ميڊيا ۽ ٽيلي ڪام وغيره مختلف شعبن ۾ بي پردگي عام ٿيندي پئي وڃي، دُنياوي شعبن ۾ عوامي رهنمائي ۽ خدمت جو شايد ئي ڪو اهڙو شعبو