Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan
پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن شرط کي به قَبول ڪري ورتو۔ هاڻي سندن جو ٻيو امتحان به شروع ٿي ويو، حضرت سَيدُنا عَبدُالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي شهزادي جو نڪاح اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان ڪري ڇڏيائون، نڪاح کان پوءِ جيئن ئي پنهنجي گهرواريءَ جي سامهون آيا ته پاڻ هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويا ڇوته نگاهن اڳيان جيڪو منظر ڏسڻ اچي رهيو هو اهو ٻڌايل صورتِ حال جي بلڪل ئي ابتڙ (Opposite) هو، ڇا ٿا ڏسن ته سندن زوجه محترمه جا ته تمام ئي عضوا صحيح ۽ سالم آهن ۽ انهن جي حُسن وجمال اڳيان چوڏهين رات جو چنڊ به شرمائي رهيو آهي۔ اهو منظر ڏسي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي نئين ڪنوار جي ويجھو تائين نه ويا بلڪ اتان ئي واپس موٽي آيا ۽ حضرت سَيدُنا عَبدُالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان معاملو اچي عرض ڪيائون۔ انهن فرمايو: پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي! توهان جي گهرواري اها ئي آهي جنهن کي توهان هاڻي ڏسي آيا آهيو، ڳالھ اصل ۾ هي آهي ته مون پنهنجي نياڻيءَ جون جيڪي جيڪي ڳالهيون توهان سان بيان ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ان ۾ موجود آهن، ”اها اکين کان انڌي آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”نامَحرم جي لاءِ ان جون اکيون انڌيون آهن“، ”ڪنن کان ٻوڙي آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”ناحق ڳالھ ٻڌڻ جي لاءِ ان جا ڪن ٻوڙا آهن“ ، ”هٿن کان معذور آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”غير مردن جي لاءِ هن جا هٿ معذور آهن“ ۽ ”پيرن کان معذور آهي“ هن مان منهنجي مراد اها هئي ته ”پنهنجي مڙس جي حڪم جي خلاف قدم کڻڻ جي لاءِ ان جا پير ناهن“۔ جڏهن حضرت سَيدُنا ابُو صالح مُوسيٰ جنگي دوست رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سَيدُنا عبدالله صومعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زباني پنهنجي نئين ڪنوار بابت وضاحت ٻڌي ته سندن دل کي قرار اچي ويو، پڻ دل ۾ پنهنجي زال جي اهميت اُجاگر ٿي وئي ۽ الله پاڪ جي فضل وڪرم سان سندن کي پنهنجي زماني جي زبردست وَلِي