Ghos-e-Pak Ka Khandan

Book Name:Ghos-e-Pak Ka Khandan

الله جي نهايت ئي بهترين خوبين سان آراسته خوبصورت ۽ خوب سيرت ڌيءَ جو مڙس ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو۔ (سيرتِ غوثِ اعظم ، ص۲۶ملخصاً)

شہا! کاش قُفلِ مدینہ لگا لوں                                             زباں پر بھی اور آنکھ پر غوثِ اعظم

شہا نفسِ اَمَّارہ مَغلوب ہو اب                                          ہو شیطان کا دُور شَر غوثِ اعظم

تمہیں میرے حالات کی سب خبر ہے                               پریشاں ہوں میں کس قدر غوثِ اعظم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان ڪيل حڪايت مان اسان کي ڪيئي مدني گل حاصل ٿيا، اچو! انهن مدني گلن جي خوشبوءَ سان اسان به پنهنجو حصو وٺڻ جي لاءِ گھڻي ڌيان سان ٻڌون ٿا: (1) الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، ٻانهن جي حقن جي معاملي ۾ انتهائي حُسّاس هوندا آهن، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها خوفِ خدا وارا هوندا آهن، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها فڪرِ آخرت جي نعمت کان مالا مال هوندا آهن، هڪ نامعلوم صوف کائڻ جي باري ۾ پنهنجو محاسبو ڪرڻ به الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صفتن ۾ شامل هو، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها پنهنجي قصور کي معاف ڪرائڻ خاطر ڪيئي ڪوششون ڪندا آهن۔

هاڻي ٿورو اسان به پنهنجو احتساب ڪريون ته ڇا اسان ۾ به اهي خوبيون موجود آهن؟ ڇا اسان به ٻين جا حق چڱي طرح ادا ڪريون ٿيون؟ ڇا اسان جون دليون به خوفِ خدا سان سرشار آهن؟ ڇا اسان به پنهنجي عملن جو محاسبو ڪنديون آهيون؟، ڇا اسان به پنهنجو قصور معاف ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪنديون آهيون ؟ ،افسوس! اڄڪلھ ته قرض جي نالي تي ماڻهن جا هزارين بلڪ لکين روپيا هڙپ ڪيا ويندا آهن، اڄڪلھ وڏي بي شرمي سان جائيدادن تي قبضا ڪيا ويندا آهن، اسلحي جي زور تي غريب ۽ ڪمزور ماڻهن کان