Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

                                      صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح قرآنِ ڪريم مَڪه مُڪرَّمه جي شان ۽ عظمت جي شاهدي ڏئي رهيو آهي اهڙي طرح مُختلِف حديث سڳورين ۾ به مَڪه مُڪرَّمه جي عظيمُ الشَّان فضيلتن کي بَيان ڪيو ويو آهي۔ اچو! اسان به اهي فضيلتون ٻڌون ٿا ته جيئن اسان جي دل ۽ دماغ ۾ به ان مُقَدَّس شهر جو شان ۽ عظمت وڌيڪ اُجاگر ٿئي،

مڪي مديني جي خُصوصِيت

ارشاد فرمايائون؛ لَایَدْخُلُ الدَّجَّالُ مَکَّۃَ وَلَا الْمَدِیْنَۃَ  يعني مڪي ۽ مديني ۾ دجال داخل نه ٿيندو۔                                  (مسند احمد بن حنبل ج 10 ص 85 حديث 26106)

یاربّ ہمیں مکّے کی فضاؤں میں بُلالے    اور خانَۂ کعبہ کا کریں جم کے نظارا

جو ہجرِ مدینہ میں تڑپتے ہیں شب و روز    کرلیں کبھی طَیبہ کا شہا! وہ بھی نظارا

مڪي مديني ۾ مرڻ جي فضيلت

ارشاد فرمايو: جنهن شخص جي حجّ يا عمري جي نيّت هئي ۽ ان حالت ۾ ان کي حَرَمَين (يعني مڪي يا مديني ۾) موت اچي ويو ته الله تعاليٰ ان کي قيامت جي ڏينهن اهڙي حالت ۾ اٿاريندو جو ان تي نه حساب هوندو ۽ نه عذاب، هڪ ٻي روايت ۾ آهي؛ بُعِثَ مِنَ الاٰمِنِیْنَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ يعني اهو قيامت جي ڏينهن امن وارن ماڻهن ۾ اٿاريو ويندو۔ (مصنف عبدالرزاق،۹/۱۷۴،حديث:۱۷۴۷۹)

مجھے مَرنا ہے آقا گُنبدِ خَضرا کے سائے میں    وطن میں مَرگیا تو کِیا کروں گا یارَسُولَ اللہ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مڪه مڪرمه جابابرڪت مقامات

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! شهرِ محبوب يعني مڪه مڪرمه ۾