Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

فضيلت ۽ برڪت وارا تمام گهڻا مقام موجود آهن پر ان سڀني مان ڪعبي شريف کي سڀني کان وڌيڪ فضيلت حاصل آهي. اچو! حصولِ برڪت جي لاءِ  خانه ڪعبه جي شان ۽ عظمت ملاحظه فرمايو، جيئن ته

ڪعبو سوني جي زنجيرن ۾ ٻڌي ڪري محشر ۾ آندو ويندو

حضرت سيدنا وهب بن منبه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”تورات شريف“ ۾ آهي ته اللہ  پاڪ بروزِ قيامت پنهنجي 7 لک مقرب فرشتن کي موڪليندو جن مان هر هڪ جي هٿ ۾ سون جي هڪ زنجير هوندي. اللہ  پاڪ فرمائيندو: ”وڃو! ۽ ڪعبي کي ان زنجيرن ۾ ٻڌي ڪري محشر ڏانهن آڻيو“ فرشتا ويندا ان کي زنجيرن کان ٻڌي ڇڪيندا ۽ هڪ فرشتو پڪاريندو: ”اي ڪعبة اللہ ! هل“ ته ڪعبو مبارڪ چوندو: ”مان نه هلندس جيسيتائين منهنجو سوال پورو نه ٿي وڃي“ آسمان جي فضا مان هڪ فرشتو پڪاريندو ”تون سوال ڪر“ ته ڪعبو بارگاهه الٰهي ۾ عرض ڪندو؛ ”اي اللہ  پاڪ! تو منهنجي ڀرسان دفنايل مومنن جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماء.“ ته ڪعبو شريف هڪ آواز ٻڌندو: ”مون تنهنجي درخواست قبول فرمائي.“ حضرت سيدنا وهب بن منبه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: ”پوءِ مڪي پاڪ ۾ دفن ٿيڻ وارن کي اٿاريو ويندو جن جا چهرا سفيد هوندا. اهي سب احرام جي حالت ۾ ڪعبي جي ويجهو ٿي ڪري تلبيه (يعني لبيڪ) چئي رهيا هوندا. پوءِ ملائڪ چوندا: ”اي ڪعبا!هاڻي هل.“ ته اهو چوندو: ”مان نه هلندس، جيسيتائين منهنجي درخواست قبول نه ڪئي وڃي.“ ته آسمان جي فضا مان هڪ ملائڪ پڪاريندو تو گهر توکي ڏنو ويندو. ته ڪعبو شريف چوندو: ”اي اللہ  پاڪ تنهنجا گناهگار ٻانها جيڪي جمع ٿي پري پري کان مٽي سان ڀريل مون وٽ آيا. انهن پنهنجي اهل و عيال ۽ احباب کي ڇڏي، انهن فرمانبرداري ۽ زيارت جي شوق ۾ نڪري ڪري تنهنجي حڪم جي مطابق حج جا مناسڪ ادا ڪيا، ته مان توکان سوال ڪيان ٿو ته انهن جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماء، انهن کي قيامت جي گهٻراهٽ کان امن ۾ رک ۽ انهن کي منهنجي چوڌاري جمع ڪري ڇڏ.“ ته هڪ فرشتو ندا ڏيندو: اي ڪعبا! انهن ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جن تنهنجي طواف کان پوءِ گناهه ڪيا هوندا ۽ انهن تي اسرار ڪري پنهنجو پاڻ تي جهنم واجب ڪري چڪا هوندا ته ڪعبو شريف عرض ڪندو اي اللہ  پاڪ! انهن گناهگارن جي حق ۾ به منهنجي شفاعت قبول فرماء جنهن تي