Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

حاضِر ٿي انهن کان دعائون ڪرايون، هن اُمّيد تي ته ڪڏهن ته ڪرم وارو در کلندو، ڪڏهن ته اسان کي سڏ ٿيندو، ۽ ڪڏهن ته اسان جو نالو به حاجين جي فهرست(List) ۾ شامل ٿيندو۔

حاجیوں کے بن رہے ہیں قافِلے پھر یانبی    پھر نَظَر میں پھر گئے حج کے مَناظِر یانبی!

کررہے ہیں جانے والے حج کی اب تیّاریاں   رہ نہ جاؤں میں کہیں کردو کرم پھر یانبی!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَڪي شريف کي صِرف اهو ئي هڪ شَرَف حاصِل هجي ها ته به ان جي شان ۽ عظمت جي لاءِ ڪافي هو جو هن مبارَڪ سَرزمين تي بَيتُ اللہ  شريف جَلوَه گَر آهي پر قربان وڃجي جو ان جي علاوه به ان پُرنُور شهر جون فضيلتون ۽ خصوصيتون ايتري قدر گھڻيون آهن جو دل چاهيندي  آهي، بس بَيان  ڪندا ۽ ٻڌندا ئي رهون ڇوته هن مُقَدَّس شهر(Holy City) ۾ جڳھ جڳھ پياري آقا، مديني واري مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ سندن پيارا صحابَه ڪرام رَضِىَ اللّٰه تَعَالٰى عَنْهم سان نسبت رکندڙ مُقَدَّس ۽ يادگار مسجِدون، کوھ، غارون، تعميرات ۽ مزارات وغيره موجود آهن۔ اچو! حُصولِ بَرَڪت ۽ نُزولِ رَحمت جي لاءِ مڪي شريف جي ڪن خُصوصيتن جي باري ۾ ٻڌو ۽ پنهنجي دل ۾ هن پاڪيزه شهر جي عظمت وڌيڪ وڌائڻ جو سامان ڪريو، جيئن ته

مَڪه مُڪرَّمه جون ڪجھ خاصيتون

(1) نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مڪي شريف ۾ پيدا ٿيا.

سروَرِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت گاهه

حضرت علامه قطبُ الدينعَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ المُبِين فرمائن ٿا؛ حضور اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وِلادت گاهه وٽ دعا قبول ٿيندي آهي۔ (بلد الامين ص 201) خليفي هارون رشيد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي والده هتي مسجد تعمير ڪرائي هئي۔ اڄڪلهه ان مُقدّس جڳهه تي لائبريري (Library)  قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان تي بورڊ لڳل آهي:مڪتبة مڪة المڪرمة“(عاشقانِ رسول ڪي 130حڪايات،ص۲۳۷)