Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

ٿينديون آهن. ٭ هفته وار اجتماع ۾ انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ ۽ اولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي سيرتِ مبارڪه تي سنتن ڀريا بيان ٿيندا آهن. جيڪي خوش نصيب عاشقانِ رسول هفته وار اجتماع ۾  شرڪت ڪندا آهن. امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ انهن کي هيئن دعاءِ مدينه سان نوازيندا آهن.

جو پابند ہے اِجتماعات کا بھی    میں دیتا ہوں اُس کو دعائے مدینہ

اچو! بطورِ ترغيب  هفته وار سنتن ڀريي اجتماع ۾ حاضري جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ اجتماع ۾ پابندي سان شرڪت ڪرڻ جي نيت ڪيو، جيئن ته

غفلت جي خواب مان بيداري

کڙي شريف (ڪشمير) جي هڪ علاقي پل عطاري (پل منڊا) ۾  مقيم اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحُول سان وابستگي کان پهريان بي عملي جي زندگي گذاري رهيو هو. نماز روزن جي معاملي ۾ سستي ڪرڻ ۽ بداخلاقي سان پيش اچڻ  ان جو معمول بڻجي چڪو هو. نه حقوق اللہ  جو لحاظ هو نه حقوق العباد جو. هڪ اسلامي ڀاءُ ان کي هفته وار اجتماع جي دعوت پيش ڪندو هو پر اهو ٽاري ڇڏيندو هو ۽ ائين ڪم و بيش 10 سال گذري ويا. هڪ ڀيري انهيء جي هڪ دوست ان کي هفته وار اجتماع جي برڪتن جي باري ۾ ٻڌايو ته ان جي دل ۾ به شرڪت جي خواهش پيدا ٿي وئي ۽ ايندڙ هفتي هو ان سان گڏ اجتماع ۾ وڃي پهتو، اجتماع ۾ گهڻو سڪون مليو پرسوز بيان ۽ رقت انگيز دعا سان دل ۾ گهڻو اثر ٿيو پوءِ اهو به پابندي سان شريڪ ٿيڻ لڳو. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جو چهرو سنت جي مطابق هڪ مٺ ڏاڙهي سان جڳمڳائڻ لڳو. اجتماعي اعتڪاف جون برڪتون ماڻڻ جو موقعو مليو ۽ اهو به سنتن تي عمل ڪرڻ لڳو. اللہ  ڪريم ان کي استقامت عطا فرمائي.

اٰمِين  بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

عطائے حبیبِ خدا مَدَنی ماحول    ہے فَیضانِ غَوث و رضا مَدَنی ماحول