Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا عاشق هن عِبادت کي اَحسَن طريقي سان ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، اللہ  پاڪ مجلس حج و عمره کي وڌيڪ برڪتون عطا فرمائي۔

 اٰمِين  بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خلاصو

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾اسان ٻڌو ته

  ٭ مَڪهٔ مُڪرَّمَه جي شان و عظمت کي قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ ٭ مَڪي شريف جو شان ۽ عظمت حديثن سڳورين ۾ بيان ٿيو آهي۔ ٭ مَڪي شريف ۾ دجال داخل نه ٿي سگھندو۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ داخل ٿيڻ وارو امن وارو ٿي ويندو آهي۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادتِ باسعادت ٿي۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه جي زمين آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پسنديده زمين آهي۔ ٭ مَڪه مُڪرَّمَه ۾ فضيلت ۽ برڪت وارا ڪيئي مقام موجود آهن۔ ٭ مَڪي شريف ۾ ئي امام مهدي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ظهور ٿيندو۔ اللہ  پاڪ  اسان کي حرمين طيبين جي بار بار باادب حاضري نصيب فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سُنّتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں   نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

سفر ڪرڻ جون سُنّتون ۽ آداب