Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

جهنم واجب ٿي چڪو آهي: ته اللہ  پاڪ فرمائيندو: ”مون انهن جي حق ۾ تنهنجي شفاعت قبول ڪئي.“ ته اهو ئي فرشتو ندا ڪندو: جنهن ڪعبي جي زيارت ڪئي هئي اهو ٻين ماڻهن کان جدا ٿي وڃي. اللہ  پاڪ انهن سڀني کي ڪعبي جي چوڌاري جمع ڪندو انهن جا چهرا سفيد هوندا ۽ اهي جهنم کان بي خوف ٿي ڪري طواف ڪندي تلبيه چوندا. پوءِ فرشتو پڪاريندو: اي ڪعبة اللہ  هل. ته ڪعبو شريف (هن طرح) تلبيه چوندو: ” لَبَّیْکَ اَللّٰھُمَّ لَبَّـیْکَ، وَالْخَیْرُ کُلُّہٗ، بِیَدَیْکَ، لَبَّـیکَ لَا شَرِیْکَ لَکَ لَبَّـیْکَ، اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ لَکَ وَالْمُلْکَ لَا شَرِیْکَ لَکَ “ پوءِ فرشتا ان کي ڇڪي ميدانِ محشر تائين وٺي ويندا. (الروض الفائق ص۶۶)

سليمان جو لشڪر ۽ ڪعبو

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”ملفوظاتِ اعلٰي حضرت“ صفحه 130 تي آهي: حضرت سليمان عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو تخت هوا تي اڏامندو وڃي رهيو جڏهن ڪعبي شريف کان گزريو ته ڪعبو رنو ۽ اللہ  پاڪ جي حضور عرض ڪيو ته هڪ نبي تنهنجي انبياء مان ۽ هڪ لشڪر تنهنجي لشڪرن مان گزريو نه مون تي لٿو، نه نماز پڙهي. ان تي ارشادِ باري تعالٰي ٿيو: نه رؤ! مان تنهنجو حج پنهنجي ٻانهن تي فرض ڪندس جيڪي تنهنجي طرف ائين ٽٽندا جيئن پکي پنهنجي آکيرن ۾ ۽ ائين روئندي ڊوڙندا جيئن ڏاچي پنهنجي ٻار جي شوق ۾ ۽ تو ۾( يعني تنهنجي شهر) ۾ نبيِ آخرُالزّمان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پيدا ڪندس جيڪو مون کي سڀني انبياء عَـلَـيْهِمُ السَّلَام کان وڌيڪ پيارو آهي.  (تفسیر بغوی ج۳ ص ۳۵۱ ملخّصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته! اللہ  پاڪ مَڪي پاڪ کي ڪيترين عظيمُ الشان خُصوصيتن ۽ بَرڪتن سان نوازيو آهي، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان دنياوي پريشانين ۾ ڦاٿل رهڻ جي بدران حَرَمَين طَيّبَين جي حاضِري جي لاءِ ڪوششون جاري رکون، هن لاءِ اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ روئي ٻاڏائي دُعائون گھرون، والِدَين ۽ اللہ  پاڪ جي مقبول ٻانهن جي بارگاھ ۾