Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ  يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

زبان ۽ اکين وارو ڪڪر

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”حڪايتون ۽ نصيحتون“ جي صفحي نمبر 126 تي آهي: حضرت سيدنا عبداللہ  بن عباس رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُما کان روايت آهي: جڏهن طوفانِ نوح کان بعد بيت المعمور جنهن جو بنياد حضرت سيدنا آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم رکيو هو، جنهن کي ڇهين آسمان تي کنيو ويو ته اللہ  پاڪ حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي حڪم ڏنو ته اهي بيت اللہ  شريف جي جاءِ تي اچي ان جي نشانن تي بنياد رکن. حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم اتي تشريف کڻي ويا پر اهو پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کان پوشيده هو ۽ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي ان جو ڪو نشان ڏسڻ ۾ نه پئي آيو ته اللہ  پاڪ هڪ بادل موڪليو جيڪو ڊيگهه ويڪرائي ۾ بيت اللہ  شريف جي مقدار جي برابر هو، ان جو مٿو، زبان ۽ ٻه اکيون هيون. اهو بيت اللہ  شريف جي مقام تي بيهي رهيو ۽ عرض ڪيائين: اي ابراهيم! منهنجي مقدار جي برابر بنياد رک. حضرت سيدنا