Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

سگهن.

ميقات جي تعريف

ميقات ان جڳهه کي چوندا آهن جو مڪي معظمه وڄڻ وارن آفاقين کي بغير احرام جي اتان کان اڳتي وڃڻ جائز ناهي، چاهي تجارت يا ڪنهن به مقصد جي تحت ويندو هجي ايسيتائين جو مڪه مڪرمه جا رهڻ وارا به جيڪڏهن ميقات جي حد (مثال طور طائف يا مدينه منوره) وڃن ته انهن کي به هاڻي بغير احرام جي مڪي پاڪ اچڻ ناجائز آهي. (رفیق الحرمین،ص۶۳)

9. سڄي دنيا کان مسلمان حج جي سعادت حاصل ڪرڻ جي لاءِ هتي ئي مڪه پاڪ حاضر ٿيندا آهن.

10. جيڪو هن شهرِ مقدس ۾ داخل ٿي وڃي امن ماڻڻ واروهوندو. جيئن ته

پاره 1 سورة البقره جي آيت نمبر 126 ۾ ارشاد ٿئي ٿو.

وَ اِذْ قَالَ اِبْرٰهٖمُ رَبِّ اجْعَلْ هٰذَا بَلَدًا اٰمِنًا ۽ جڏهن ابراهيم عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! هن شهر(مڪي) کي امان وارو ڪر.

 

11. مڪه پاڪ جي هڪ خصوصيت هي آهي ته ڏينهن جو ڪجهه وقت اتان جي گرمي تي صبر ڪرڻ واري کي جهنم جي باهه کان دور ڪيو ويندو آهي، جيئن ته

مڪي جي گرمي تي صبر جي فضيلت

نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: مَنْ صَبَرَ عَلٰی حَرِِّ مَکَّۃَ سَاعَۃً مِّنْ نَہَارٍ تَبَاعَدَتْ مِنْہُ النَّارُ يعني جيڪو شخص ڏينهن جو ڪجهه وقت مڪي جي گرمي تي صبر ڪري جهنم جي باهه ان کان دور ٿي ويندي آهي. (اخبار مکۃ،۲/۳۱۱، حدیث: ۱۵۶۵)

غارِ حِرا

12. هتي غارِ حرا آهي، جتي مڪّي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي پهرين وحي نازل ٿي، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظهورِ رِسالت کان اڳ هتي ذِڪر و فڪر ۾ مشغول رهيا هئا، اهو قبلي جي طرف واقع آهي۔ رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تي پهرين وحي به انهيءَ غار ۾ نازل ٿي۔ جيڪا اِقۡرَاۡ