Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

مکّے میں اُن کی جائے ولادت پہ یاخدا    پھر چشمِ اَشکبار جمانا نصیب ہو

(2) پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دين اسلام جي تبليغ جو آغاز به هتان کان فرمايو.

(3) هتي ئي ڪعبو شريف آهي، ان جو ئي طواف ڪيو ويندو آهي ۽ نماز ۾ سڄي دنيا ۾ هن جي ئي طرف منهن ڪيو ويندو آهي. اچو! طوافِ ڪعبه جي فضائل تي مشتمل 3 فرامين مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

طواف جا فضائل

1. جنهن ڳڻي ڪري طواف جا 7 ڦيرا ڪيا ۽ پوءِ 2 رڪعتون ادا ڪيون ته هي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي ۽ طواف ڪندي انسان جي هر قدم جي بدلي ۾ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن ۽ ان جا ڏهه گناهه مٽايا ويندا آهن ۽ ڏهه درجا بلند ڪيا ويندا آهن.    (مسند امام احمد بن حنبل،  ج۲ص۲۰۲حدیث۴۴۶۲) 

2. جيڪو بيت اللہ  جي طواف جا 7 ڦيرا ڪري ۽ ان ۾ ڪا لغو (يعني بيهوده) ڳالهه نه ڪري ته هي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جي برابر آهي.

                                          (المعجم الکبیر،ج۲۰،ص۳۶۰حدیث۸۴۵)

3. جنهن 50 ڀيرا بيت اللہ  شريف جو طواف ڪيو ته اهو گناهن مان ايئن نڪري ويو جيئن ان ڏينهن (پنهنجي) ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيو هو.

                               (جامع التر مذی،ابواب الحج،باب ماجاءفی فضل الطواف، حدیث ۸۶۶، ص ۱۷۳۳)

ہر برس کاش!آ کے مکّے میں

 لُطف اُٹھاؤں طواف کا یا ربّ

(وسائلِ بخشش مُرمّم، ص81)

4. مسجد الحرام شريف مڪه مڪرمه ۾ آهي جنهن ۾ هڪ نماز جو ثواب هڪ لک (100000) نمازن جي برابر آهي، جيئن ته

مسجد حرام ۾ نماز پڙهڻ جو ثواب

حضرت سيدنا جابر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: منهنجي هن مسجد ۾ نماز پڙهڻ