Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

چوڌاري پري تائين ويندي هئي، جيستائين ان جي روشني پهتي ايستائين حرم جون حدون مقرر ٿيون، جنهن ۾ شڪار ڪرڻ منع آهي ۽ سنگِ اسود جو رنگ بالڪل سفيد هو گناهگارن جي هٿن سان ڪارو ٿي ويو. (ایضا ص ۶۸۰،۶۸۱)

حضور سيد عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي چميو آهي. امير المومنين حضرت سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: اي حجر اسود! مان ڄاڻيان ٿو ته تون پٿر آهين، نفعي ۽ نقصان جو مالڪ ناهين، جيڪڏهن مان رسول اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تو کي چمندي نه ڏسان ها ته توکي ڪڏهن به نه چما هان.

                                                                            (بلد الامین ص ۶۱)

فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: قيامت جي ڏينهن اهو پٿر اٿاريو ويندو، ان جون ٻه اکيون هونديون جنهن سان ڏسندو، زبان هوندي جنهن سان ڳالهائيندو ۽ پنهنجي استلام ڪرڻ واري جي حق ۾ گواهي ڏيندو. (ترمذی ج۲ص۲۸۶حدیث۹۶۳)

ان جو مس ڪرڻ (يعني هٿ لڳائڻ) گناهن کي مٽائيندو آهي، اعلانِ نبوت سان پهريان به هي پٿر مبارڪ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سلام ڪندو هو.، هن پٿر شريف کي ٻيهر هڪ ڀيرو پنهنجي اصل شڪل تي ڪيو ويندو، قيامت جي ڏينهن ان جو جحم(يعني جسامت) جبلِ ابي قُبيس جيترو هوندو. (بلد الامین ص ۶۲ و الجامع اللطیف لابن ظہیرۃ ص ۳۷،۳۸)

(7) صفا مروه به انهيء شهر ۾ آهن. اهي ٻئي اللہ  پاڪ جي نشانين مان آهن، جيئن ته اللہ  پاڪ سيپارو 2 سورة البقره جي آيت نمبر 158 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ الصَّفَا وَ الْمَرْوَةَ مِنْ شَعَآىٕرِ اللّٰهِۚ-فَمَنْ حَجَّ الْبَیْتَ اَوِ اعْتَمَرَ فَلَا جُنَاحَ عَلَیْهِ اَنْ یَّطَّوَّفَ بِهِمَاؕ-وَ مَنْ تَطَوَّعَ خَیْرًاۙ-فَاِنَّ اللّٰهَ شَاكِرٌ عَلِیْمٌ(۱۵۸)ترجمو: بيشڪ صفا ۽ مروه اللہ  جي نشانين مان آهن پوءِ جيڪو ان گهر جو حج يا عمرو ڪري، ان تي گناهه نه آهي جو انهن ٻنهيء جو طواف ڪري ۽ جيڪو پاڻ ئي چڱو ڪم ڪري ته اللہ  نيڪي جو بدلو ڏيندڙ ۽ ڄاڻ وارو آهي.

ميقات جو بيان

8. ميقات جي ٻاهر کان اچڻ وارا بغير احرام جي مڪي ۾ داخل نه ٿا ٿي