Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

سنور جائیگی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ     تم اپنائے رکھو سدا مَدَنی ماحول

سلامت رہے یا خدا مَدَنی ماحول    بچے نظرِبد سے سدا مَدَنی ماحول

(وسائل بخشش مرمم،ص۶۴۶،۶۴۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حرمين شريفين جي حاضري جي تڙپ پنهنجي اندر پيدا ڪرڻ جو هڪ ٻيو ذريعو اهو به آهي ته اسان بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي سيرت جو مطالعو ڪيون ڇو ته هي حضرات مڪي مديني جي سر زمين سان سچي عقيدت ۽ محبت ڪندا هئا انهن مقامن سان انهن جي محبت جو اندازو هن ڳالهه سان لڳايو ته ڪجهه بزرگن جو اهو معمول هو ته اهي ڪنهن ٻئي ملڪ يا شهر جي رهائشي هئڻ جي باوجود مڪه مڪرمه جي فيض ۽ برڪتون حاصل

 ڪرڻ جي غرض سان زندگي جو اڪٿرحصو محبوب جي شهر جي خوشبودار ۽ خوش گوار فضائن ۾ ساهه کڻندي گذاريندا هئا ۽ هر سال استقامت سان گڏ بيت اللہ  شريف جي حج جي سعادت سان به فيضياب ٿيندا هئا.

مجلس حج و عمرھ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مڪي مديني جي فيضان سان فيضياب ٿيڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيو ۽ دينِ مَتِين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اِسلامي تبليغِ دين جي 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروف آهي، انهن مان هڪ شُعبَو ’’مجلسِ حج وعُمره‘‘ به آهي جيڪا حج و عُمره جي لاءِ وڃڻ وارن اِسلامي ڀائرن ۽ اِسلامي ڀينرن جي باقاعده مدني تَربِيت ڪرڻ، انهن کي بارگاھ خُداوَندي ۽ بارگاھ مُصطَفَوِي جا آداب ۽ ضروري مسئلا سيکارڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي۔ هن مجلس ۾ شامل تَربِيت يافته مُبَلّغ اِسلامي ڀائر هر سال حج جي مَوسمِ بهار ۾ حاجي ڪيمپن ۾ وڃي حاجين جي مدني تَربِيَت ڪندا آهن جڏهن ته مُبَلّغات اِسلامي ڀينرون حاجياڻين جي تَربِيت ڪنديون آهن۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هن مجلس جي تَحت حج وزيارتِ مدينه جي لاءِ مڪي مديني وڃڻ وارن کي اميرِ اهلسنّت دَامَت بَرکاتُهُمُ العَاليه جا تحرير ڪيل ڪتاب رَفِيقُ الْحَرَمَين۽ رَفِيقُ الْمُعْتَمِرِين به تحفي طور پيش ڪيا ويندا آهن ته جيئن اللہ  عَزَّ وَجَلَّ جي گھر جا مهمان ۽ حبيبِ خدا صَلَّى اللهُ