Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

حضرت سيدنا ابراهيم عَلَيه السَّلام کي پڪاري ڪري عرض ڪيو؛ حَجَرِ اَسۡوَد هتي آهي۔ (بلدالامين ص 204 بتغير قليل) منقول آهي؛ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهيءَ جبل تي جلوه افروز ٿي ڪري چنڊ جا ٻه ٽڪرا ڪيا هئا، جيئن ته مڪو پاڪ جبلن جي وچ ۾ گهيريل آهي ان لاءِ اتان چنڊ ڏٺو ويندو هو، (ٻي ۽ ٽي)رات جي چنڊ کي هلال چيو ويندو آهي تنهنڪري هن جڳهه تي يادگار جي طور تي هتي ”مسجدِ هلال“ تعمير ڪئي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو ان کي مسجدِ

 بلال (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ) چوندا آهن۔ (عاشقانِ رسول ڪي 130حڪايات، ص۲۳۸ملخصاً)

جَبَلِ نُور و جَبَلِ ثَور اور اُن کے غاروں کو سلام    نُور برساتے پہاڑوں کی قِطاروں کو سلام

18. پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اتي پنهنجي حياتِ ظاهري جا 53 سال گذاريا.

19.  حضرت سيدنا امام مهدي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو ظهور مڪي شريف ۾ ئي ٿيندو. (عاشقانِ رسول کی 130حکایات مع مکے مدینے کی زیارتیں،ص۲۰۰ ملخصاً)

مکّے کی حَسِیْں شام کی دیکھوں میں بہاریں   پھر دیکھوں مدینے کی شہا صُبْحِ دل آرا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفته وار سنتن ڀريو اجتماع“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مڪي مديني جي زيارت ۽ اتان جي نور بار مقاماتِ مقدسه جي زيارت جو شوق وڌائڻ ۽ سٺن جي صحبت ماڻن جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ پنهنجو حصو ملايو. ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفته وار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت ڪرڻ“ به آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني ڪم جا بيشمار دنيوي ۽ اخروي فائدا آهن. مثلًا هفته وار اجتماع جي برڪت سان مسجد جي حاضري جي سعادت حاصل ٿيندي آهي. ٭ هفته وار اجتماع جي برڪت سان مسلمانن سان ملاقات ۽ سلام جي سنت عام ٿيندي آهي. ٭ هفته وار اجتماع جي برڪت سان علمِ دين سان مالامال قيمتي مدني گل امت ِ مسلمه تائين پهچايا ويندا آهن. ٭ هفته وار اجتماع بي نمازين کي نمازي بڻائڻ ۾ تمام گهڻو مددگار آهي. ٭ هفته وار اجتماع جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول جي تشهير و نيڪ نامي ٿيندي آهي. ٭ هفته وار اجتماع ۾ گهرڻ واريون دعائون قبول