Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

گھرندا آهن، ٻين کان دعا ڪرائيندا آهن، هن مَقصَد کي حاصل ڪرڻ خاطِر ڪميٽيون وجھندا آهن، پنهنجي حلال ڪمائي مان ڪجھ نه ڪجھ الڳ سان گڏ ڪندا آهن، پوءِ مخصوص رَقم جمع ٿيڻ کان بعد حج جي ادائيگي جي لاءِ هن اُمّيد تي درخواستون (Applications) جمع ڪرائيندا آهن ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڀيري انهن جو نالو به قُرعه اندازي ۾ نڪرندو ۽ اهي به حج جي سعادت ماڻي اتي جي دِلرُبا نظارن سان پنهنجون اکيون ٿڌيون ڪندا، مُقَدَّس جاين تي وڃي پنهنجي گناهن جي مُعافي گھرندا، پنهنجو دلي احوال ٻڌائيندا ۽ دنيا و آخرت جون ڀلائيون گھرندا، پوءِ  جنهن جو نالو قُرعه اَندازي ۾ نڪري ايندو آهي ته ان جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي ڇوته ڪجھ ئي ڏينهن کان بعد هو خواب ۾ نه بلڪه حقيقت ۾ ان شهرِ محبوب يعني مَڪه مُڪرَّمَه جي حدن ۾ داخل ٿيندو جنهن جو شان ۽ عظمت قرآنِ ڪريم ۾ بَيان ٿيو آهي،

سيپارو 30 سُورَة البَلَد جي آيت نمبر 1 ۽ 2 ۾ اِرشادِ باري آهي:

لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱)وَ اَنْتَ حِلٌّۢ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۲)

ترجموڪنزالايمان؛ مون کي هن شهر جو قسم، جو اي محبوب تون هن شهر ۾ تشريف فرما  آهين.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُفَسِّرن سڳورن جو هن ڳالھ تي اِجماع (اِتِّفاق) آهي ته هن آيت سڳوري ۾ اللہ  پاڪ جنهن شهر جو قسم ذِڪر ڪيو آهي اهو مَڪو شريف آهي۔ هن ئي آيتِ مُبارَڪه ڏانهن اِشارو ڪندي اَميرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ هيئن عَرض گزار ٿيا: يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا ماءُ پيءُ  اوهان تي فِدا ٿين! اوهان جي فضيلت اللہ  پاڪ وٽ ايتري بلند آهي جو اوهان جي مبارڪ زندگي بابت اللہ  ڪريم  قسم ياد فرمايو آهي نه ئي ٻين نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلام جو ۽ اوهان جو مَقام ۽ رتبو رب ڪريم وٽ ايترو بلند آهي جو ان جي ذريعي اوهان جي مُبارَڪ قدمن جي خاڪ جو قسم ذِڪر ڪيو آهي۔ ( شرح زرقاني علي المواھب ،الفصل الخامس۔۔۔ الخ، ۸/۴۹۳،فتاويٰ رضويه،۵/۵۵۶)

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي مَشهور  نَعتِيه دِيوان”حدائقِ بخشش“ ۾ لکن ٿا:

وہ خدانے ہے مَرْتَبَہ تجھ کو دیا نہ کسی کو مِلے نہ کسی کو مِلا           کہ کلامِ مجید نے کھائی شہا تِرے شہر و کلام و بَقا کی قسم