Book Name:Makkha Mukarramah Ki Shan o Azmat

ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان جي چوڻ جي مطابق بنياد رکي پوءِ بادل هليو ويو.

جڏهن حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ان جي بڻائڻ کان فارغ ٿيا پوءِ طواف ڪيائون. اللہ  پاڪ سندن جي طرف وحِي فرمائي ته ”ماڻهن ۾ حج جو اعلان ڪر“ پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيائون: ”منهنجو آواز ڪئين پهچندو؟“ ته اللہ  پاڪ ارشاد فرمايو: ”اي ابراهيم! تنهنجو ڪم آهي ندا ڪرڻ  پهچائڻ اسان جو ذمو آهي.“ ته حضرت سيدنا ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جبل ابو قُبَيس تي چڙهي بلند آواز سان پڪاريو اي اللہ  پاڪ جا ٻانهو! توهان جي رب پاڪ گهر بڻايو ۽ توهان کي هن جو حج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پوءِ اللہ  پاڪ سموري زمين وارن کي سندن جو آواز ٻڌايو ته جنن، انسانن، پٿر ۽ مٽي جي ڀترن، پهاڙن ۽ وارياسي ميدانن ۽ هر خشڪ ۽ تر جواب ڏنو. مشرق ۽ مغرب وارن کي آواز پهچايو ته مائرن جي پيٽن مان ۽ مردن جي پشتن مان سڀني هي چوندي جواب ڏنو: لَبَّیْکَ اَللّٰھُمَّ لَبَّیْکَ  لَبَّیْکَ لَا شَرِیْکَ لَکَ لَبَّیْکَ اِنَّ الْحَمْدَ وَالنِّعْمَۃَ لَکَ وَالْمُلْک لَا شَرِیْکَ لَکَ  ته اڄ اهو ئي شخص حج ڪندو، جنهن ان ڏينهن جواب ڏنو هو. جنهن هڪ ڀيرو لبيڪ چيو ته اهو هڪ ڀيرو حج ڪندو، جنهن ٻه ڀيرا چيو اهو ٻه ڀيرا ۽ جنهن ٽي ڀيرا لبيڪ چيو اهو ٽي ڀيرا حج ڪندو ۽ جنهن ان کان وڌيڪ ڀيرا لبيڪ چيو اهو اوترائي ڀيرا حج ڪندو.

(شعب الایمان للبیھقی،باب فی المناسک،حیث الکعبۃ والمسجد الحرام،حدیث:۳۹۸۹، ج۳،ص۴۳۶، مفھومًا،اخبار مکۃ للفاکھی،ذکر ابراھیم۔۔الخ،حدیث:۹۷۳،ج۱،ص ۴۴۵ِفردوس الاخبار للدیلمی، باب اللام، حدیث۵۳۴۳،ج۲،ص۲۱۷)

یاخدا! حج پہ بُلا آکے میں کعبہ دیکھوں

کاش! اکبار میں پھر میٹھا مدینہ دیکھوں

جھوم کر خوب کروں خانَۂ کعبہ کا طواف

پھر مدینے کو چلوں گنبدِ خضرا دیکھوں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيتُ اللہ  شريف جو حج ڪرڻ اها عظيم ۽ عمده عبادت آهي جو عاشقانِ رسول هن عبادت کي ادا ڪرڻ جي لاءِ ٻاڏائي دعائون