Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ٿيندي؟ فرمايائون: موت کي ياد ڪرڻ ۽ قرآن ِپاڪ جي تلاوت ڪرڻ سان۔ (شعب الايمان للبيھقي، باب في تعظيم القرآن،فصل في ادمان تلاوته،۲/۳۵۲،حديث:۲۰۱۴ ملتقطاً)

2    ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص ڏينهن رات ۾ (20) ڀيرا موت کي ياد ڪري اهو شهيد سان گڏ اٿاريو ويندو۔ (قوت القلوب،ذڪر التداوي …الخ، ۲/۴۳)

3    ارشاد فرمايائون: موت کي گھڻو ياد ڪريو ڇوته اهو گناهن کي مٽائي ۽ دنيا کان بي رغبت ڪري ٿو۔ (الموسوعة لابن ابي الدنيا، ڪتاب ذڪر الموت، باب الموت والاستعدادله،۵/ ۴۳۸، حديث:۱۴۸ ملتقطاً)

4    ارشاد فرمايائون: جنهن کي موت جي ياد خوف زده ڪري ٿي قبر ان جي لاءِ جنت جو باغ بڻجي ويندي۔ (جمع الجوامع،قسم الأقوال،حرف الھمزة، ۲/۱۴،حديث:۳۵۱۶ ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته احاديثِ مبارڪه ۾ اسان جي پياري آقا
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ موت کي ياد ڪرڻ جي ترغيب ڏياريندي موت کي ياد ڪرڻ جون فضيلتون بيان ڪيون آهن ته موت کي ياد ڪرڻ سان دل جو ڪٽ پري ٿي ويندو آهي۔ موت کي ياد ڪرڻ واري کي بروزِ قيامت شهيدن سان گڏ اٿاريو ويندو۔ موت کي ياد ڪرڻ واري جا گناھ معاف ٿيندا آهن۔ موت کي ياد ڪرڻ واري جي قبر جنت جو باغ بڻجي ويندي آهي ۽ موت کي ياد ڪرڻ واري جي دل مان دُنيا جي محبت ختم ٿي ويندي آهي ۽ جيڪي ماڻهو موت کي وساري دنيا جي رونقن ۾ مست رهن ٿا ۽ پنهنجي آخرت کان غافل ٿي ويندا آهن ته اهڙن جو موت ماڻهن جي لاءِ عبرت جو نمونو بڻجي ويندو آهي، جيئن ته

لهوو لعب (راند روند)۾ مست بادشاھ جو موت

      حضرت سيدُناوَهب بن مُنَبِّهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ بادشاھ سير ڪرڻ جو ارادو ڪيائين پوءِ ان پنهنجو بهترين لباس گھرايو پر هو پسند نه آيو، پوءِ ان کان عمده لباس گھرايو، پر پسند نه آيو۔ آخرڪار سوين لباسن مان ان کي پنهنجي پسند جو وڳو ملي ويو۔ پوءِ گھوڙا آندا ويا ته انهن مان ڪو گھوڙو