Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

نازڪ فيصلا

    مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! پندرهين شَعۡبَانُ الۡـمُعَظّم جي رات ڪيڏي نازڪ آهي، خبر ناهي ته ڪنهن جي قسمت ۾ ڇا لکيو وڃي! آھ! ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو لاپرواهيءَ ۾ پيل رهجي ويندو آهي ۽ ان جي باري ۾ ڪجھ جو ڪجھ ٿي چڪو هوندو آهي، غُنۡيَةُ الطّالبِين ۾ آهي:ڪيترائي ڪفن ڌوپجي تيار رکيل هوندا آهن پر ڪفن پائڻ وارا بازارن ۾ گھمي ڦري رهيا هوندا آهن ڪيترائي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو انهن جون قبرون کوٽيل تيار هونديون آهن، پر انهن ۾ دفن ٿيڻ وارا خوشين ۾ مست هوندا آهن حالانڪه انهن جي موت جو وقت ويجهو اچي چڪو هوندو آهي، ڪيترن جي گهرن جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو هوندو آهي پر گھر جي مالڪ جي موت جو وقت به ويجهو اچي چڪو هوندو آهي۔ (الغنية،۱/۳۴۸)

نہ دِلدادۂ شعر گوئی رہے گا          نہ گرویدۂ شہرہ جوئی رہے گا

نہ کوئی رہا ہے نہ کوئی رہے گا            رہے گا تو ذِکرِ نکوئی رہے گا

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے          یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

قابلِ توجه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بعض بد نصيب اهڙا به آهن جن تي هن بابرڪت رات ۾ به اللہ  ڪريم نه ته رحمت جي نگاھ فرمائيندو آهي، نه ان جي دعائن کي قبول ڪندو آهي ۽ نه ئي انهن جي بخشش ۽ مغفرت ڪندو آهي۔ اچو! ٻڌون ٿا اهي بد نصيب ڪير آهن، جيئن ته

رحمتِ خداوندي کان محروم ماڻهو

          اُمُّ الْمُومِنِينحضرت سيدتناعائشه صديقه رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْها کان روايت آهي ته نور جي پيڪر، تمام نبين جي سرورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مون وٽ جبريل