Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ويندا آهن، ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ تقريباً 407 فيضانِ مدينه قائم آهن۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: بيشڪ صَدقو ربّ جي غضب کي ختم ڪري ۽ بُري موت کي دفع ڪري ٿو۔ (ترمذي، ڪتاب الزڪاة، باب ما جاء في فضل الصدقة، ۲/ ۱۴۶، حديث:۶۶۴)

مدرسة المَدِينه بالغان  ﴿بالغ اسلامي ڀائرن ۾ تعليم قرآن عام ڪرڻ وارو شعبو﴾

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي بالغ (وڏي عمر جي) اسلامي ڀائرن کي مختلف هنڌن (مثال طور مسجدن، دفترن، مارڪيٽ، دُڪان وغيره) ۽ مختلف وقتن ۾ في سبيل اللہ  ناظره تعليمِ قرآن سان گڏوگڏ نماز جا بُنيادي مسئلا ٻڌايا ويندا آهن، سُنّتون ۽ آداب سيکاريا ويندا آهن۔ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ مدرسة المدينه بالغان جو تعداد تقريباً 13853 (تيرهن هزار اٺ سو ٽيونجاھ) ۽ پڙھڻ وارن جو تعداد تقريباً89043 (اوڻانوي هزار ٽيتاليھ) آهي۔

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: بيشڪ مسلمان جو صَدقو عمر وڌائي ٿو ۽ بُري موت کي روڪي ٿو ۽ اللہ  عَزَّ وَجَلَّ ان جي برڪت سان صَدقو ڏيڻ وارن کان تَڪبُّر وتَفَاخُر (وڏائي ۽ فخر ڪرڻ جي بُري عادت) پري ڪندو آهي۔

(المعجم الڪبير ،۱۷/۲۲، حديث:۳۱)

مدرسة المَدِينه بالغات ﴿بالغه اسلامي ڀينرن ۾ تعليم قرآن عام ڪرڻ وارو شعبو﴾

جهڙي طرح وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۾ تعليمِ قرآن عام ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اهڙي طرح وڏي عمر جي اسلامي ڀينرن ۾ به قرآنِ پاڪ جي تعليم کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙھڻ وارين جو تعداد تقريباً 63 هزار کان وڌيڪ آهي۔ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: صبح سويري صَدقو ڏيو جو بلا صَدقي کان اڳتي قدم ناهي وڌائيندي۔ (شُعَبُ الايمان، باب في الزڪاة،التحريض علي صدقة التطوع،۳/۲۱۴، حديث:۳۳۵۳)

هفتيوارسُنّتن ڀريو اِجتماع ﴿ اسلامي ڀائر ۽ اِسلامي ڀينرون﴾

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! هزارين هنڌن تي اِسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جا هفتيوار سُنّتن ڀريا اِجتماع ٿيندا آهن، جن ۾ هر هفتي لکين اسلامي ڀائر ۽ اسلامي