Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

مُردو  اٿي ويهي رهيو

 اهڙي طرح جوهر آباد (ٽنڊو آدم باب الاسلام سنڌ) جي هڪ ڪپڙي جي واپاريءَ جو ڏڪائي ڇڏيندڙ داستان ٻُڌو۽ ڏڪي وڃو، اخباري اطلاع جي مطابق قبرستان ۾ هڪ جنازو آندو ويو، امام صاحب جيئن ئي جنازي نماز جي نيّت ڪئي مردو اٿي ڪري ويهي رهيو! ماڻهن ڀڄڻ لڳا، ۽ امام صاحب به نيّت ڀڃي ڇڏي ۽ ڪجهه ماڻهن جي مدد سان ان کي وري ليٽايو ويو، ٽي ڀيرا مردو اٿي ڪري ويهي رهيو. امام صاحب مرحوم جي رشتيدارن کان پُڇيو، ڇا مرڻ وارو وياج وٺندو هو؟ انهن اثبات (يعني تصديقاً ها) ۾ جواب ڏنو.ان تي امام صاحب جنازي نماز پڙهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو! ماڻهن جڏهن لاش قبر ۾ رکيو ته قبر زمين ۾ اندر دٻجي وئي،ان تي ماڻهن لاش کي مٽي وغيره سان لَٽي بغير فاتحه جي ئي گهر ڏانهن روانا ٿــي ويــا . اسان قهرِ قهار ۽ غضب جبار کان ان جي پناهه جا طلبگار آهيون.

نہ دِلدادۂ شعر گوئی رہے گا      نہ گرویدۂ شہرہ جوئی رہے گا

نہ کوئی رہا ہے نہ کوئی رہے گا    رہے گا تو ذِکر ِنکوئی رہے گا

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

مختصر وضاحت: يعني نه ئي شاعري کان عشق ڪرڻ وارو باقي رهندو ۽ نه ئي شهرت تلاش ڪرڻ واري جو عاشق رهندو. ڇو ته نه ئي پهريان ڪوئي رهيو آهي ۽ نه ئي آئنده ڪوئي رهندو البت نيڪي ۽ ڀلائي جو ذڪر خير باقي رهندو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته هنن وياج خورن کي دنيا ۾ ڪهڙو عبرت ناڪ موت آيو، دنيا ۾ هن طرح جا عبرتناڪ واقِعا ٻانهن کي گناهن جي