Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
انجام کان ڊيڄارڻ ۽ سنّتن ڀري رَاھ تي هلڻ جي ترغيب جي لاءِ ڏيکاريا ويندا آهن۔عبرت جي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ڪئي ويندڙ سزائن جي منظرن جي علاوه مزيد خوفناڪ عذاب جو سلسلو به انهن گنهگارن جي لاءِ ٿي سگھي ٿو۔ هن عبرتناڪ واقِعي ۾ مرڻ واري کي وياج خور“ ظاهر ڪيو ويو آهي۔ واقِعي وياج جي تمام گھڻي نُحُوست هوندي آهي۔ اچو! هن باري ۾ سيپارو 3سُورَة الْبَقَرَة جي آيت نمبر 278 ۽ 279 ۾ ارشادِ باري تعاليٰ ٻڌو، جيئن ارشاد آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ذَرُوْا مَا بَقِیَ مِنَ الرِّبٰۤوا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ(۲۷۸)فَاِنْ لَّمْ تَفْعَلُوْا فَاْذَنُوْا بِحَرْبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖۚ- (پ3،البقرة: 278)
ترجموڪنزالايمان: اي ايمان وارو الله کان ڊڄو ۽ ڇڏي ڏيو جيڪو وياج باقي رهجي ويو آهي جيڪڏهن مسلمان آهيو۔ پوءِ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته يقين ڪريو الله ۽ الله جي رسول سان لڙائي جو،
تفسير صِراطُ الجِنَان جلد 1صفحي 413 تي هن آيت سڳوري جو شانِ نزول اهو بيان ڪيو ويو آهي ته اها آيت ان اصحاب جي حق ۾ نازل ٿي جيڪي وياج جي حُرمت نازل ٿيڻ کان پهريان وياجي ڏي وٺ ڪندا هئا ۽ انهن جون ڪافي وڏيون وياجي رقمون ٻين جي ذمي باقي هيون، هن ۾ حڪم ڏنو ويو ته وياج جي حُرمت نازل ٿيڻ کان بعد اڳوڻو باقي وياج وٺڻ جي به اجازت نه آهي۔ (خازن،البقرة،تحت الآية:۲۷۸، ۱/۲۱۷ ملخصاً)(صراط الجنان،۱/۴۱۳)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اللہ پاڪ مسلمانن تي وياج کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ جيڪو بدنصيب اهو ڄاڻڻ جي باوجود به وياجي ڏي وٺ جاري رکي ته ڄڻ هو اللہ پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان جنگ ڪرڻ وارو آهي ۔ ياد رکو! وياج قَطعِي حرام ۽ جَهنَّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي۔ هن جي حُرمَت جو مُنڪر(يعني ان جي حرام هئڻ کان اِنڪار ڪرڻ وارو)، ڪافر ۽ جيڪو حرام سمجھي هن بيماري ۾ مُبتَلا ٿئي، اهو فاسق ۽ مردُودُ الشَّهادَة آهي۔ (يعني ان جي گواهي قَبول نه ڪئي ويندي) (بهارِ شريعت،حصه۱۱،۲/۷۶۸)
اچو! وياج جي بيماري کان بچڻ جي لاءِ هن جي مذمت تي احاديثِ مُبارڪه ٻڌون ٿا: