Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
مرڪزُ الْاولياء لاهور (پنجاب پاڪستان) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جو والدِ محترم دعوتِ اسلامي جو مبلغ هو۔ هڪ دفعي مرض جي شدت جي ڪري ان جا حواس سلامت نه رهيا۔ ڪجھ دير بعد اوچتو ئي اکيون کولي وڏي جوش جذبي سان دُرُودِ پاڪ ۽ ڪلمي شريف جو وِرد ڪرڻ شروع ڪيو۔ ڪجھ دير پڙھڻ کان بعد سڪون سان ليٽي پيو۔ ان اسلامي ڀاءُ اڳتي وڌي ڏٺائون ته والد جو روح جسم مان نڪري چڪو هو۔ انتقال کان ڪجھ ڏينهن بعد انهن خواب ۾ پنهنجي والدِ محترم کي ڏٺائون ته پڇيائون: اوهان سان قبر ۾ ڪهڙو معاملو پيش آيو؟ فرمايائون: دُنيا ۾ بي عملي جي ڪري قبر ۾ مون کي ڪجھ گھٻراهٺ ٿي پر اللہ ڪريم دعوت ِاسلامي جي مدني ماحول ۾ شموليت جي سبب مون کي بخشي ڇڏيو۔ اهو مدني خواب ڏسڻ بعد اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو خُوش نصيب اسلامي ڀاءُ به ڏاڙھي ڪٽائڻ کان توبه ڪري دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويا ۽ سبز سبز عمامي شريف جو تاج مٿي تي سجائي ورتو۔
چلے جان اس شان سے کاش یہ سر در مصطفٰے پر ہو خم یاالٰہی
مجھے دیدے ایمان پر استقامت پئے سیّد محتشم یاالٰہی
خُدایا بُرے خاتمے سے بچانا پڑھوں کلمہ جب نکلے دَم یاالٰہی
تو عطّارؔ کو بے سبب بخش مولیٰ کرم کر کرم کر کرم یاالٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب ! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَمَضانُ المُبارَڪ جي آمد آمد آهي ۽ هن مُبارَڪ مهيني جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هن مهيني ۾ عبادت و تلاوت ۽ ذِڪر ودُرُود جي ڪثرت ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ گھڻيون نيڪيون لکائڻ جا موقعا وڌي ويندا آهن۔ اسان کي به گھرجي ته گُناهن کان پاڻ