Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موت واقعي اهڙي شيءَ آهي جو جنهن جي هٿان اهڙن وڏن وڏن پهلوانن شڪست کاڌي، جيڪي سڄي زندگي ڪنهن کان نه هاريا هئا، موت اڳيان ان مغرور بادشاهن به پنهنجو ڪنڌ جھڪائي ورتو جيڪي ڪنهن جي اڳيان مٿو جھڪائڻ پنهنجي شان جي خلاف سمجھندا هئا، موت اڳيان انهن نامور جنگجو ۽ بهادر ماڻهن به هٿيار رکي ڇڏيا جن جي بهادري جا قصّا زماني ۾ مشهور هئا۔ ياد رکو! موت جو اچڻ يقيني آهي پر اسان خوابِ غفلت کان بيدار نٿا ٿيون ۽ دنيا جي رنگينين ۾ گم رهندا آهيون۔ تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري مرڻ کان پهريان موت ۽ قبر و حشر جي تياري ۾ مصروف ٿي وڃون ۽ پنهنجي نجات جو سامان ڪريون. موت ۽ قبر و حشر جي معاملات جي باري ۾ مزيد معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب شرح الصدورجو مطالعو انتهائي فائيديمند آهي

 ڪتاب”شرحُ الصُّدور“ جو تعارف

ياد رهي! هي ڪتاب دراصل مشهور محدث ۽ شافعي بزرگ حضرت سيدنا امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عربي تصنيف شرحُ الصُّدُور بِشَرْحِ حَالِ الْمَوْتٰی وَالْقُبُوْرجو اردو ترجمو آهي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ موت جي پيدائش جو بيان موجود آهي، هن ڪتاب ۾ موت جي ياد ۾ مددگار شين جو بيان موجود آهي، هن ڪتاب ۾ سٺي خاتمي جي علامتن جو بيان موجود آهي، هن ڪتاب ۾ قبر ۾ حساب و ڪتاب جو بيان موجود آهي، هن ڪتاب ۾ ميت کي قبر ۾ فائدو ڏيڻ وارين شين جو بيان موجود آهي، هن ڪتاب ۾ موت جي سٺي وقتن جو بيان موجود آهي، ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ مُردن جي احوال جي باري ۾ به ٻين اهم ترين معلومات جو انمول خزانو موجود آهي، تنهنڪري اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هدية طلب فرمايو، پاڻ به ان جو مطالعو ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به پڙهڻ جي ترغيب ڏياريو. دعوت اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي پڙهي سگهجي