Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

اسان تي ڇا گذرندي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيئن جيئن اسان زمانه رسالت کان پري ٿيندا پيا وڃون، اسان جي دِلين ۾ دنيا جي محبت پنهنجون پاڙون مضبوط ڪندي پئي وڃي۔ اسان پنهنجي گھروارن کي آرام پهچائڻ ۽ انهن کي پُرسڪون ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪيون ٿا، اونداھي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جڳھ جڳھ روشني جو انتظام ڪريون ٿا، گرمي ۾ ٿڌاڻ جي لاءِ اي، سي (A C) ۽ سياري ۾ ٿڌاڻ کان بچڻ جي لاءِ هيٽر لڳائيندا آهن، بجلي هلي وڃي ته مُتَبادِل طور تي جنريٽر يا يو.پي.ايس (UPS) تيار رکون ٿا۔ هر عقل مند شخص هن حقيقت کي تسليم ڪري ٿو ته هڪ ڏينهن اهي سڀ ڇڏي خالي هٿين قَبر ۾ منتقل ٿيڻو آهي، پر افسوس جي ڳالھ ته اها آهي ته جنهن دنيا ۾ عارضي رهڻو آهي، ان کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ ته ايترا انتظام ڪيا ويندا آهن جو هن ۾ هميشه هميشه رهڻو هجي، ان آخرت کي بلڪل وساريو ويندو آهي۔ ٿورو سوچيو! ان وقت اسان تي ڇا گذرندي، جڏهن قَبر جي وحشتن، تاريڪين ۽ اجنبي ماحول جي اُداسين ۾ اسان اڪيلا هونداسين، اتي نه ڪو همدرد هوندو ۽ نه ئي ڪو مددگار، ڪنهن کي سڏي سگھنداسين نه پاڻ ڪيڏانهن وڃي سگھنداسين، اسان تي ڪهڙي گھٻراهٽ طاري هوندي! اميرِاهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه قبر جي معاملن جي باري ۾ ڪيتري قدر فڪر مند رهندا آهن ان جو اندازو اوهان جي فڪر انگيز هنن شعرن مان لڳايو، اچو! اسان به اهي دلسوز شعر ٻڌون ٿا ۽ پنهنجي موت ۽ قبر کي ياد ڪريون ٿا۔

 

اندھیرا کاٹ کھاتا ہے اکیلے خوف آتا ہے              تو تنہا قبر میں کیونکر رہوں گا یارسولَ اللہ

نکیرین امتحاں لینے کو جب آئینگے تُربت میں      جوابات اُن کو آقا کیسے دُوں گا یارسولَ اللہ

برائے نام دردِ سر سہا جاتا نہیں مجھ سے         عذابِ قبر کیسے سہہ سکوں گا یارسولَ اللہ

یہاں چیونٹی بھی تڑپا دے مجھے تو قبر کے اندر                 میں کیونکرڈنک بِچُّھوکےسہوں گا یارسولَ اللہ