Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
کي بند ڪري وٺون يا ڪيتري ئي بلند ترين مقام تي وڃي رهون پر پنهنجي موت کان ڪنهن صورت نٿا بچي سگھون۔ جڏهن ڪنهن جي جسم مان روح نڪري رهيو هوندو آهي ته اهو تمام ڏکيو مرحلو آهي. سڪرات جي وقت پيش اچڻ وارين سختين جي باري ۾ سيپاري 26 سُوْرۂ قٓ ، آيت نمبر 19 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
وَ جَآءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْحَقِّؕ-ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَحِیْدُ(۱۹)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ آئي موت جي سختي حق سان گڏ هي آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! موت جون سختيون اهو ئي محسوس ڪري سگھي ٿو جنهن تي سڪرات جو عالم طاري هجي۔ موت جي سختين ۽ تڪليفن کي برداشت ڪرڻ انتهائي دشوار عمل آهي۔ موت جي هن ڪؤڙاڻ جو اثر مرڻ کان بعد به رهندو آهي، اچو! هن باري ۾ هڪ واقعو ٻڌو،
دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”حڪايتون ۽ نصيحتون“ جي صفحي نمبر 553 تي آهي: حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوْحُ اللہ
عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام حضرتِ سيدُنا نوح نَجِي اللہ عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي پٽ حضرتِ سيدُنا سام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي قَبر وٽان لنگھيا ته بني اِسْرائيل عَرض ڪيو:’’اي رُوحُ اللہ (عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام)! اللہ پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا ڪريو ته هو هن قَبر واري کي زِنده ڪري ته جيئن اسان هن کان موت جو تَذڪرو ٻڌون۔‘‘ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوحُ اللہ عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام هن قَبر جي ويجھو ٻه رَڪعت نماز اَدا ڪرڻ کان پوءِ اللہ پاڪ کان حضرتِ سَيدُنا سام بن نوح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي زِنده ڪرڻ جي دُعا گھري ته اللہ پاڪ انهن کي زِنده ڪيو۔ هو مٿي تان مٽي ڇنڊيندي بيهي رهيو، ان جي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار سفيد هئا۔ حضرتِ سيدُنا عيسيٰ رُوْحُ اللہ عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پڇا ڪيائون: اها سفيدي ته توهان جي زَماني ۾ نه هئي۔ اُنهن فرمايو: يا رُوحَ اللہ عَلَيه السَّلَام ! مان آواز ٻڌي سمجھيس ته قِيامت قائم ٿي چڪي آهي، ان جي خوف سبب منهنجي مٿي ۽ ڏاڙھي جا وار سفيد ٿي