Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
داخل ڪيون ٿا، پر وقتي طور تي غمگين ٿيڻ کان بعد وري ساڳيو ڪم ماڻهن کي ڌوڪو ڏيڻ، ڪنهن جو حق کسڻ، بِلاوجه مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ ۽ دُنيا جي رنگينين ۾ ملوث هئڻ اسان جي زندگي جو معمول بڻجي ويو آهي ۽ اسان موت کي وساري پنهنجي رَبِّ ڪريم جي نافرماني ۾ مشغول ٿي ويندا آهيون۔ ياد رکو! جهڙي طرح اڄ اسان ڪنهن کي غسل ڏئي، ڪفن پارائي قبر ۾ لاهي رهيا آهيون، هڪ ڏينهن اسان سان به اهي معاملا ڪيا ويندا ڇوته موت برحق آهي ۽ هر هڪ کي ان جومزو چکڻو آهي ۽ چڱن بُرن عملن جي جزا جي سبب پنهنجي ڪرڻي جو ڦل سَهَڻو آهي: سيپارو 17 سُوْرَة الْاَنْبِياء آيت نمبر 35 ۾ ارشاد آهي:
كُلُّ نَفْسٍ ذَآىٕقَةُ الْمَوْتِؕ-وَ نَبْلُوْكُمْ بِالشَّرِّ وَ الْخَیْرِ فِتْنَةًؕ-وَ اِلَیْنَا تُرْجَعُوْنَ(۳۵) (پ ۱۷،انبيآء:۳۵)
تَرجموڪنز الايمان: هر ساھ کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ اسان توهان جو اِمتحان وٺندا آهيُون بُرائِي ۽ ڀلائِي سان پرکڻ جي واسطي ۽ اسان جي طرف ئِي توهان کي موٽِي اچڻو آهي.
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اها حقيقت آهي ته جنهن جاندار زِندگي جو جام پيتو آهي ان کي موت جو پيالو به پيڻو آهي۔ اَمير هجي يا غريب، بادشاھ هجي يا وزير، چوڪيدار هجي يا دُڪاندار، پروفيسر هجي يا اڻ پڙھيل، عالِم هجي ياغيرِ عالِم، مُسلم هجي يا غير مُسلم ان کي ضرور موت جو مزو چکڻو پوندو۔ اسان دُنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پهچي وڃون ۽ پنهنجي طور تي موت کان بچڻ جي لاءِ چاهي ڪيترو ئي انتظامات ڪريون، پر موت هر صورت ايندي جيئن ته سيپاري 5 سُورَة النِّسَاء آيت نمبر 78 ۾ ارشادِ باري آهي :
اَیْنَ مَا تَكُوْنُوْا یُدْرِكْكُّمُ الْمَوْتُ وَ لَوْ كُنْتُمْ فِیْ بُرُوْجٍ مُّشَیَّدَةٍؕ- (پ ۵، النساء:۷۸)
تَرجمو ڪنز الايمان: توهان جاٿي به هُجو موت توهان کي اچِي پُهچندو جيتوڻِيڪ مضبُوط قلعن ۾ هُجو
هن آيت سڳوري تحت تَفسيرِ نعيمي ۾ آهي ته هر شخص جي موت جو وَقت، موت جو هنڌ مُقَرَّر آهي، ڪو ان کان ڪنهن تدبير (Plan) ۽ ڪنهن حِيلي