Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
جہاں میں ہیں عِبرت کے ہر سُو نمونے مگر تُجھ کو اندھا کیا رنگ و بو نے
کبھی غور سے بھی یہ دیکھا ہے تُو نے جو آباد تھے وہ مکاں اب ہیں سُونے
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے یہ عِبرت کی جا ہے تَماشا نہیں ہے
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انسان پنهنجي دنيا کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ سوچيندو آهي ته گھڻو مال گڏ ڪندس، فلاڻي ڪمپني جي نئين گاڏي خريد ڪندس، بهترين ڪوالٽي جو لباس پائيندس، عاليشان گھر ٺاهيندس ۽ ان کي طرح طرح جي سهولتن سان سينگاريندس پر هاءِ! موت ان جي ان تمام خواهشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندو آهي۔ تنهنڪري اڃا وقت آهي، هوش ۾ اچڻ گھرجي، پنهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪرڻ گھرجي ۽ مرڻ کان پهريان پهريان پنهنجي موت ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري شروع ڪرڻ گھرجي۔ موت کي ياد رکڻ ۽ قبر و حشر جي معاملن جي تياري جي معاملي ۾ بزرگانِ دِين جو ڪردار اسان جي لاءِ مشعلِ راھ آهي، اهي حضرات خوفِ خدا جي دولت سان مالا مال هئا، جيڪي دنيا جي لذّتن ۾ مشغول رهڻ بدران هر وقت فڪرِ آخرت ۾ مگن رهندا هئا ۽ ٻين کي به هن ناپائيدار دنيا جي ڌوڪي کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا۔ اچو! هن باري ۾ هڪ فڪر انگيز حڪايت ٻڌو ۽ نصيحت جا مدني گل چونڊيو،
حضرت سيدنا اِبن الصِّمَّہ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ دفعي پنهنجو محاسبو ڪندي پنهنجي عمر شمار ڪئي ته اُها (تقريبًا) سٺ ورهيه ٿي، اُنهن 60سٺ ورهين کي ٻارهن سان ضرب ڏيڻ سان 720ست سؤ ويهه مهينا بڻيا، 720ست سؤ ويهه کي وڌيڪ 30 ٽيهه سان ضرب ڏنائون ته حاصل ضرب 21600 ايڪيهه هزار ڇهه سؤ آيو، جيڪي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي عمر جا ڏينهن هئا، پوءِ پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿي چوڻ لڳا؛ ”جيڪڏهن