Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

دِلاغافِل نہ ہو یک دَم یہ دنیا چھوڑ جانا ہے          بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

تِرا   نازُ ک   بدن   بھائی  جو   لیٹے   سَیج   پھولوں   پر       یہ ہوگا ایک دن بے جاں اِسے کیڑوں نے کھانا ہے

تُو اپنی موت کو مت بھُول کر سامان چلنے کا      زمیں کی خاک پر سونا ہے اِینٹوں کا سِرہانا ہے

 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته هڪ مغرور بادشاھ جيڪو يادِ خُدا ۽ يادِ مُصطفيٰ کان غافِل ۽ پنهنجي موت کي وساري سير، تفريح ۽ دنيا جي رنگينيون ڏسڻ جي لاءِ نڪتو هو، پر اوچتو موت جو شڪار ٿي ان جي پررونق دنيا ويران ٿي وئي ۽ هو پنهنجو مال ۽ دولت، تاج  ۽ عزّت، نوڪرن جي خدمت، والدين ڀيڻ ڀائرن جي شفقت ۽ محبت کي ڇڏي اونداهي قبر ۾ پهچي ويو۔ اها حقيقت آهي ته انسان تمام وڏا وڏا منصوبا تيار ڪندو آهي مگر ان جو هن ڳالھ ڏانهن ڌيان ئي نه هوندو آهي ته زندگي ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ آهي، جڏهن هڪ دم زندگيءَ جي ڏور ڇڪي ويندي ۽ مرڻو ئي پوندو ته سڀ ڪيو ڪمايو اتي جو اتي رهجي ويندو، جيئن ته

      ”مدﻳﻨﺔالاولياءِ ملتانجو هڪ نوجوان دولت ڪمائڻ جي نشي ۾ پنهنجي وطن، شهر ۽ خاندان وغيره کان پري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهيو۔ خوب مال ڪمايائين ۽ گھر وارن کي موڪليندو رهيو، پاڻ ۾ مشوري سان عاليشان بنگلو تيار ڪرڻ لاءِ طئي ٿيو۔ اهو نوجوان سالن تائين پيسا موڪليندو رهيو، گھر وارا گھر ٺهرائيندا رهيا ۽ ان کي خوب سجائيندا رهيا، ايتري تائين جو هڪ عظيم الشّان بنگلو ٺهي تيار ٿي ويو۔ هي نوجوان جڏهن واپس آيو ته ان عظيم الشّان بنگلي ۾ رهائش جي لاءِ تياريون عروج تي هيون پر آه! قسمت ان عاليشان بنگلي ۾ شفٽ ٿيڻ کان تقريباً هڪ هفتو اڳ ان نوجوان جو اِنتِقال ٿي ويو ۽ اهو نوجوان پنهنجي روشنين سان جڳمڳ ڪندڙ عاليشان بنگلي جي بجاءِ انڌيري قبر ۾ منتقل ٿي ويو۔