Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
پسند نه آيو، آخرڪار هزارين گھوڙن مان ان کي پنهنجي پسند جو گھوڙو ملي ويو۔ هاڻي بادشاھ وڏي شان ۽ شوڪت سان لشڪر سان گڏ سفر تي روانو ٿيو، واٽ ۾ ابليسِ لعين ورغلايو ته غرور ۽ تڪبُّر جي آفت ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ آڪڙجي وڏي شاهاڻي انداز سان اڳتي وڌڻ لڳو۔ غرور ۽ تڪبُّر جي ڪري ماڻهن ڏانهن نظر کڻي به نه ڏسندو هو۔ رستي ۾ هڪ ضعيف ۽ ڪمزور شخص پراڻن ڪپڙن ۾ نظر آيو، ان سلام ڪيو پر بادشاھ نه ته جواب ڏنائين نه ئي ان ڏانهن نهاريو، ان چيائين: اي بادشاھ! مون کي توسان ضروري ڪم آهي۔ بادشاھ ان جي ڳالھ ٻڌي ڌيان نه ڏنو۔ ان اڳتي وڌي گھوڙي جي لگام پڪڙي۔ بادشاھ ڪاوڙجي چيائين: لگام ڇڏ! تو اهڙي حرڪت ڪئي آهي جو توکان پهريان ڪنهن اهڙي جرئت ناهي ڪئي۔ چيائين: مون کي توسان گھڻو ضروري ڪم آهي۔ بادشاھ چيائين: هينئر تون اسان جو مهمان ٿي! واپسي تي تنهنجي ڳالھ ٻڌندس۔ چيائين: هرگز نه! خدا جو قسم! مون کي هينئر توسان ڪم آهي۔ بادشاھ چيائين: ٻڌا! ڪهڙو ڪم آهي؟ چيائين: هڪ راز جي ڳالھ آهي، مان چاهيان ٿو ته صرف توکي ئي خبر پوي، پنهنجو ڪن منهنجي ويجھو ڪر۔ بادشاھ مٿو جھڪايو ته ان چيائين: مان مَلَڪ المَوت آهيان، تنهنجو رُوح قبض ڪرڻ آيو آهيان۔ هي ٻڌندي ئي بادشاھ خوف سبب ڏڪڻ لڳو، رنگ اڏامي ويو، ان خوف زده لهجي ۾ چيائين: هن وقت مون کي ڪجھ مهلت ڏي ته جيئن مان جنهن ڪم سان نڪتو آهيان ان کي پورو ڪيان پوء تون جيڪو چاهين ڪجان۔ مَلَڪ المَوت عَلَيه السَّلَام چيائين: اللہ جو قسم! تون پنهنجي سلطنت کي هاڻي ڪڏهن به نه ڏسي سگھندين۔ بادشاھ منٿون ڪندي چيائين: چڱو! مون کي منهنجي گھر وارن وٽ ئي وڃڻ جي مهلت ڏي۔ مَلَڪ المَوت عَلَيه السَّلَام فرمايائون: هرگز نه، خدا جو قسم! هاڻي تون ڪڏهن به پنهنجي اهل وعيال (Family) سان نه ملي سگھندين۔ هي چئي ان جو رُوح قبض ڪيو ۽ ان جو بي جان جسم گھوڙي تان زمين تي ڪري پيو۔
(احياء العلوم، ڪتاب ذڪر الموت…الخ،۵/۲۱۴،ملخصاً)