Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
وٽ هميشه نٿو رهي، نيٺ ٻيا ماڻهو ان ۾ آباد ٿي ويندا آهن، ان جي خون پسيني جي ڪمائي ۽ جَمع ٿيل دولت ۽ ''بينڪ بَيلنس'' تي به ٻيا ماڻهو ئي قبضو ڪن ٿا۔ اچو! دنيا جي رنگينين کان پيڇو ڇڏائڻ جي لاءِ ارشادِ خداوندي ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو، جيئن سيپارو 25سُوْرَة الدُّخَان آيت25کان 28 ۾ ارشاد آهي:
كَمْ تَرَكُوْا مِنْ جَنّٰتٍ وَّ عُیُوْنٍۙ(۲۵)وَّ زُرُوْعٍ وَّ مَقَامٍ كَرِیْمٍۙ(۲۶)وَّ نَعْمَةٍ كَانُوْا فِیْهَا فٰكِهِیْنَۙ(۲۷)
كَذٰلِكَ- وَ اَوْرَثْنٰهَا قَوْمًا اٰخَرِیْنَ(۲۸) (پ۲۵،الدخان:۲۵ تا ۲۸)
ترجموڪنزالايمان: ڪيترائي ڇڏي ويا باغ ۽ چشما ۽ پوکون ۽ سٺيون جايون ۽ نعمتون جن ۾ بي فڪر گذاريندا هئا، اسان ائين ئي ڪيو ۽ انهن جو وارث ٻي قوم کي ڪري ڇڏيو انهن تي نه آسمان رنو ۽ نه زمين، ۽ انهن کي مهلت نه ڏني وئي .
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته قرآنِ ڪريم به اسان کي آخرت جي باري ۾ فڪر ڏئي رهيو آهي ته توهان کان پهريان عمده عمده گھر بڻائڻ وارا، خوش نُما باغ لڳائڻ وارا بهترين فصل پوکڻ وارا جڏهن هن دنيا مان رخصت ٿيا ته انهن جي ڇڏيل اَثاثن جو ٻين کي وارِث بڻايو ويو، انهن جا نالا ۽ نشان مٽايا ويا، انهن جا تذڪرا ختم ٿي ويا، بس هاڻي قبر ۾ هو آهن ۽ انهن جا عمل، جيڪڏهن عمل چڱا آهن ته جزا به چڱي نه ته بُرن عملن جي صورت ۾ انجام به بُرو ٿيندو۔ تنهنڪري اسان کي انهن عبرت ناڪ واقعن مان درس حاصل ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي موت کي ياد رکڻ گھرجي ڇوته جيڪي ماڻهو موت کي ياد رکن ٿا اهي دنيا جي رنگينين کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، گناهن کان پري رهندي پنهنجي زندگي نيڪين ۾ گذاريندا آهن۔ حديث سڳوري ۾ موت کي ياد ڪرڻ جون وڏيون فضيلتون بيان ٿيون آهن، اچو! هن باري ۾ 4 فرمانِ مصطفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا: جيئن
1 ارشاد فرمايائون: بيشڪ دل کي به زنگ لڳي ويندو آهي جهڙي طرح لوھ کي زنگ لڳي ويندو آهي، عرض ڪيو ويو: هن جي صفائي ڪيئن