Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ڀلائي واريون راتيون

 اُمُّ المُؤمِنِين حضرتِ سَيّدَتُنا عائشه صديقه رَضِي اللهُ تَعَالٰی عَـنْها فرمائن ٿيون: مون نبي ڪريم، رؤفُ رَّحيم عَلَيه اَفۡضَلُ الصّلوة وَالتَّسۡلِيم کي فرمائيندي ٻُڌو اللہ  عَزَّوَجَلَّ (خاص طور تي) چار راتين ۾ ڀلائين جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي: (1) قرباني واري عيد جي رات (2) عيدالفطر جي رات (3) شعبان جي پندرهين رات جو ان رات ۾ مرڻ وارن جا نالا ۽ ماڻهن جو رِزق ۽ (ان سال) حج ڪرڻ وارن جا نالا لکيا ويندا آهن (4) عَرَفه (يعني 9 ذُوالحجّه ) جي رات اَذانِ (فجر) تائين. (دُرِّمنثور،۷/۲ ۴۰)

گھوٽ جو نالو مُردن جي فهرست ۾

رسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عظمت نشان آهي: سرڪارِ مدينہ، سُرور قلب وسينه، فيض گنجينه، صاحب معطر پسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عظمت نشان آهي: ”(ماڻهن جون) زندگيون هڪ شعبان کان ٻئي شعبان ۾ ختم ٿينديون آهن ايستائين جو هڪ ماڻهو نڪاح ڪندو آهي ان جو اولاد ٿيندو آهي جڏهن ته ان جو نالو مُردن ۾ لکيل هوندو آهي. (ڪنزالعمال،قسم الأقوال،ڪتاب الموت، الجزء۱۵، ۸/۲۹۲، حديث: ۴۲۷۷۳ )

گهـر ٺاهڻ وارو مُردن جي فهرست ۾

حضرتِ سيّدُنا امام اِبنِ اَبِي الدّنيا رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرتِ سيّدُنا عطا بن يسار رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان روايت ڪن ٿا ته جڏهن نصف شعبان جي رات (يعني شبِ براءَت) ايندي آهـي ته ملڪ الموت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي هڪ صحيفو ڏنو ويندو آهي ۽ چيو ويندو آهي: هن صحيفي کي پڪڙيو، هڪ ماڻهو بستر تي ليٽيل هوندو ۽ عورتن سان نڪاح ڪندو ۽ گهر ٺهرائيندو جڏهن ته ان جو نالو مُردن ۾ لکجي چُڪو هوندو۔ (دُرِّ منثور، ۷/۴۰۲)

بڑھاپے سے پاکر پیامِ قضا بھی                                         نہ چونکا، نہ چَیتا، نہ سنبھلا ذرا بھی

کوئی تیری غفلت کی ہے اِنتہا بھی       جنوں کب تلک؟ ہوش میں اپنے آبھی

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے     یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد