Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

زِيارت جي سعادت ملي ٿي يا نه؟ پنهنجو جائزو وٺڻو پوندو ته منهنجن نيڪ عملن ۾ اِضافو ٿي رهيو آهي يا نه؟

       قُربان وڃجي! اسان جي بزرگانِ دین رَحْمَۃُ اللّٰہ ِتَعَالٰی عَلَیْہِمْ اَجْمَعِیْن جي مدني سوچ تي! هر دم نيڪيون ڪرڻ جي باوجود به اللہ  پاڪ جي خوف کان ڏڪندا هئا ۽ پنهنجن عملن جو جائزو وٺندا رهندا هئا، ڄڻ ته هر رات کي شبِ قدر جيان سمجھندا يعني سڄي رات عِبادت ۾ گذاري ان رات جي قدر ڪندا هئا، اهڙي طرح هر رات کي شبِ براءت جيان سمجھندا هئا۔ اي ڪاش!اسان کي حقيقي معني ۾ "موت مان عِبرت" حاصل ٿئي۔

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انسان ڪڏهن ڪڏهن موت کان غافل ٿي پنهنجي دنياوي روشن مستقبل جي فڪر ۾ مگن ٿي ويندو آهي ۽ سڄي زندگي انهيءَ سوچ ۽ فڪر ۾ لڳل رهندو آهي ته ڪڏهن منهنجو ڪاروبار به وڏي پيماني تي ٿيندو، ڪڏهن مان به عاليشان گھر ۽ مهانگين گاڏين جو مالڪ ٿيندس، مون وٽ به مال ۽ دولت جو انبار هوندو، نئوَن علومن ۽ فنونن جون ڊگريون حاصل ڪندس، منهنجا ٻار به اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪندا پر هو ان کان غافل ٿي ويندو آهي ته هڪ ڏينهن موت منهنجي هنن سمورين خواهشن جي خوابن کي خاڪ ۾ مِلائي ڇڏيندو ۽ منهنجي زندگي جو ناتو هميشه جي لاءِ هن دنيا مان ڪٽي ڇڏيندو، موت کان اڳ ۾ نه ڪو بچي سگھيو آهي نه ئي آئنده هن کان بچڻ جي ڪا صورت آهي۔ اچو! اڄ اسان موت کان پهريان پنهنجي اندر فڪرِ آخرت پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڳوڻن ماڻهن جي عبرتناڪ موت جي باري ۾ ٻڌون ٿا ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نصيحت جي مدني گلن کي چُونڊي موت جي تياري جي نيت ڪيون ٿا، جيئن

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

  دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب عيون الحڪايات (حصو اول)“ جي صفحي نمبر 330 تي آهي: حضرت سيدنا ابو صالح رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه