Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ شبِ براءَت آهي، نجات ماڻڻ واري رات آهي، ڀلائين ڀري وڏي عظيم رات آهي، رحمتن ڀري عظيم رات آهي، ڇوته هن رات اللہ پاڪ پنهنجن ٻانهن تي رحمت نازل ڪندو آهي، دُعائون قبول ٿيڻ جي رات آهي، حديثِ پاڪ مطابق هن رات اللہ پاڪ جي طرفان ٻانهن کي پنهنجون حاجتون پوري ٿيڻ جون دُعائون گھرڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي، اڄ بخشش جي رات آهي، تقسيمِ رزق جي رات آهي ڇاڪاڻ ته هن رات رِزق ۾ برڪت جون دُعائون به قبول ڪيون وينديون آهن ۽ ماڻهن جي سڄي سال جي رِزق جو فيصلو به ڪيو ويندو آهي، حاجين جا نالا لکجڻ جي رات آهي، جهنم کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي رات آهي ڇوته هن رات بني ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جي تعداد برابر يعني بيشمار گنهگارن کي جهنم کان آزاد ڪيو ويندو آهي، سعادت مندي يا بدبختي لکيو وڃڻ جي رات آهي، اڄ اها رات آهي جو آئنده شبِ براءَت تائين مرڻ وارن جا نالا ملڪ الموت حضرتِ سيدنا عزرائيل عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي حوالي ڪيا ويندا آهن، هاءِ! اسان کي خبر ناهي ته اسان جي باري ۾ ڇا لکيو ويندو؟۔
اي ڪاش! اسان موت کان عبرت حاصل ڪرڻ وارن مان ٿي وڃون۔ هر جاندار کي موت جي دروازي مان لنگھڻو پوندو۔ موت جو وَقت يقيناً مُقرر آهي پر اسان کي هن جو علم نه آهي ته ڪڏهن موت سان اسان جو ملڻ ٿيندو۔ پر جڏهن مٿي ۽ ڏاڙھي جي وارن ۾ اڇاڻ چمڪڻ لڳي (يعني اڇا وار ظاهر ٿين) ۽ عُمر به گھڻي ٿي وڃي ته پوءِ سمجھڻ گھرجي ته هاڻي اِمتحان مٿي تي آهي ڇوته جواني جي اُڏام کان پوءِ پوڙهائپ جي جهڪاڻ، ڄڻ ته موت جو پيغام ڏئي رهي آهي۔ اڄ پنهنجن عملن جو جائزو وٺڻ جي رات آهي، پنهنجي گريبان ۾ جھاتي پائي، مڪمل توجھ سان پنهنجن عملن تي غور ڪرڻو پوندو ته اللہ پاڪ جي طرفان ملڻ واري انمول نعمت ”زندگي“ جي قِيمتي ڏينهن کي ڇا مان اللہ عَزَّ وَجَلَّ ۽ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اِطاعت ۽ فرمانبرداري ۾ گذاري رهيو آهيان يا صبح ۽ شام گُناهن جو ئي سلسلو جاري آهي، پنهنجو جائزو وٺڻو پوندو ته ڇا رمضان المبارڪ جي عِلاوه به قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ۽