Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

معاف ڪندو آهي، 10 درجات بلند ڪندو آهي۔ (مسند احمد،۵/۵۰۹،حديث:۱۶۳۵۲)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ملاحظه فرمايو ته هڪ ڀيرو دُرود شريف پڙھڻ تي 10 رحمتون حاصل ٿينديون آهن، هڪ دُرود شريف پڙھڻ سان 10 گناھ معاف ٿيندا آهن، هڪ دُرود شريف پڙھڻ سان 10 درجات جي بُلندي ٿيندي آهي، مرحبا! مڪي مدني، نبي اُمّي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجن اُمّتين سان ڪيترو پيار ڪن ٿا جو اُمّتين تي رحمت نازل ٿيندي آهي، آقا خوش ٿيندا آهن، اُمّتي جي گناھ معاف ٿيندا آهن، آقا خوش ٿيندا آهن، اُمّتي جا درجا بُلند ٿيندا آهن، آقا خوش ٿيندا آهن۔ برادرِ اعليٰ حضرت مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڇا ته بهترين لکيو آهي:

 تم کو  تو غلاموں  سے  ہے کچھ  ایسی مَحَبَّت  ہے ترکِ اَدب ورنہ کہیں  ہم پہ فدا ہو

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد