Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

سهارو پاڻيءَ جي موجن جي حوالي ٿي ويو، ماءُ پيءُ جا خوبصورت سپنا پورا نه ٿي سگهيا ۽ اهو ويچارو ذهين شاگرد M.B.B.S جي فائنل امتحان جو نتيجو هٿ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي قبر جي امتحان ۾ مبتلا ٿي ويو. (پراسرار خزانه ، ص ۱۰-۱۱)

جب اس بزم سے اُٹھ گئے دوست اکثر       اور اُٹھتے چلے جا رہے ہیں برابر

یہ ہر وقت پیشِ نظر جب ہے منظر       یہاں پر تِرا دل بہلتا ہے کیوں کر

جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے        یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته والدين جو اڪيلو سهارو جنهن کي والدين بُک ۽ اُڃ برداشت ڪري انتهائي محنت ۽ مشقت سان هن اميد تي ڊاڪٽر بڻايو هوندو ته اهو اسان جي پُوڙهائپ جو سهارو ٿيندو، پر هاءِ! موت ڊاڪٽر جي سند هٿ ۾ اچڻ کان پهريان ئي ان کي قبر ۾ پهچايو ڇڏيو۔ ٿورو سوچيو! اسان مان ڪنهن جي عمر20 ڪنهن جي 30 ڪنهن جي 40 ڪنهن جي 50، ڪنهن جي 60 ۽ ڪنهن جي ان کان به وڌيڪ زندگي گذري چڪي هوندي، پر اسان اڃا به موت کان غافل ٿي مزيد جيئڻ جون اميدون کڻي نت نئوان منصوبا بڻائڻ ۾ مشغول آهيون، حالانڪه اسان مان ڪنهن کي به خبر ناهي ته آئنده سال به اسان زنده رهي سگھنداسين يا نه، اسان جا اهي رشتيدار يا دوست احباب جيڪي پوئين سال اسان سان گڏ هئا، پر هاڻي هو هن فاني دنيا ۾ ناهن رهيا، ممڪن آهي ته اڄ جي رات اسان جو نالو به مُردن جي فهرست ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ اهو سال اسان جي زندگي جو آخري سال ثابت ٿئي ڇوته اڄوڪي رات اها رات آهي جنهن ۾ آئنده سال مرڻ وارن جا نالا مُردن جي فهرست ۾ لکيا ويندا آهن،