Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at

ڪمن کان پاسو ڪرڻ گھرجي نه ته ممڪن آهي ته اللہ  پاڪ ۽ ان جي رسول
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي احڪامن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي اها شادي خانه آبادي جي بدران خانه بربادي جو سبب بڻجي وڃي۔ اڄ جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشري ۾ نظر وجھون ته شادين ۾ ڪهڙي ڪهڙي نموني شريعت جون نافرمانيون ڪيون وينديون آهن، اهو ڪنهن تي پوشيده نه آهي۔ جيئن جيئن شادي جا ڏينهن قريب ايندا آهن گھر ۾ رشتيدارن جي آمدورفت جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، شام ٿيندي ئي گھر ۾ دهل تماشا، ۽ طرح طرح جون رانديون شروع ٿي وينديون آهن، رقص ۽ سُرُور جون محفلون سجنديون آهن، جيڪي رات دير تائين جاري رهنديون آهن حالانڪه اهو سڀ عبرت ناڪ انجام جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔

حديثِ پاڪ ۾ آهي: هن اُمّت ۾ زمين ۾دٻجڻ ، صورتن جو مسخ ٿيڻ ۽ پٿرن جو وسڻ ٿيندو۔ مسلمانن مان هڪ شخص عرض ڪيو: ”يارَسُولَ الله
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهو ڪڏهن ٿيندو؟ ‘‘ارشاد فرمايائون: جڏهن گانو ڳائن واريون ڇوڪريون يا ڇوڪرا ۽ آلاتِ موسيقي عام ٿي ويندا ۽ شراب پيتو ويندو۔ (ترمذي، ڪتاب الفتن،باب ماجآء في علامة…الخ، ۴/۹۰، حديث:۲۲۱۹) شادي جي هنن فنڪشنن ۾ مخلوط (Mixed) ماحول ٿي ويندو آهي (يعني مرد ۽ عورت گڏجي گُھمندا ڦرندا) ۽ پوءِ بد نگاهين، بي پردگين ۽ حرام ڪمن جو نه رُڪجڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، حالانڪ شريعت ۾ نامحرمن سان ميل ميلاپ جي مذمّت آئي آهي، جيئن حضرت سَيدُنا علامه ابُوالفرج عبدالرّحمٰن بن جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا: عورت جي محاسن (يعني حسن و جمال) کي ڏسڻ ابليس جي تيرن مان زهر ۾ ٻڏل هڪ تير آهي، جنهن نامحرم کان اک جي حفاظت نه ڪئي ان جي اک ۾ بروزِ قيامت باهه جي سرائي ڦيري ويندي۔ (بحر الدموع،ص۱۷۱)

اهڙي طرح ٽيپ ريڪارڊر يا اِيڪوسسٽم بلڪ هاڻي ته مَعَاذَاللہ  موبائل تي سڄو سڄو ڏينهن ڳانا هلايا ويندا آهن۔ ياد رکو! گانا باجا ٻڌڻ گناھ آهي بلڪه ڪٿان کان ان جو آواز اچي رهيو هجي ته اتان کان پري ٿيڻ ۽ نه ٻڌڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ ضَروري آهي جيئن حضرتِ علامه شامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه