Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
فرمائن ٿا: بانسري ۽ ٻين سازن جو ٻڌڻ به حرام آهي جيڪڏهن اوچتو ٻڌي ورتو ته معذور آهي ۽ ان تي واجِب آهي ته نه ٻڌڻ جي پوري ڪوشِش ڪري۔ (رَدُّ المُحتار ج۹ ص۶۵۱) گانا باجا ٻڌڻ وارا نادان پنهنجي هن بيهوده حرڪت سان بيمارن، ضعيفن (پوڙھن) ۽ سُتلن جو سڪون برباد ڪري انهن جي دل آزاري ڪن ٿا ۽ انهن جون بد دعائون وٺن ٿا، شايد اهو ئي سبب آهي جو هنن فضول رسمن ۽ حرام ڪمن سان آلُوده ٿيڻ جي ڪري اهي شاديون برڪت ڀريون نه بلڪه وبالِ جان ٿينديون پيون وڃن۔ تنهنڪري شادي جهڙي عظيم سُنَّت کي فضول رسمن، ڏيکاءُ ۽ گناهن جو مجموعو بڻائڻ بدران خالصةً اللہ پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رضا ۽ خوشنودي جي لاءِ ڪريون۔
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: اي انسانو! اللہ جي لاءِ اخلاص سان عمل ڪريو ڇوته اللہ پاڪ اهي ئي عمل قبول ڪري ٿو جيڪي ان جي لاءِ اخلاص سان ڪيا ويندا آهن ۽ اهو نه چئو ته مون اهو ڪم اللہ پاڪ ۽ رشتيداري جي ڪري ڪيو آهي۔ (دارقطني،ڪتاب الطهار ة ، باب النية ،۱/۷۳،حديث: ۱۳۰ ملتقطاً)
اللہ ڪريم اسان کي شادي جهڙي عظيم سُنّت کي شريعت مطابق ادا ڪرڻ جي سعادت نصيب فرمائي ۽ خلافِ شريعت ڪمن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّدٍ
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خوشي جي تقريب هجي يا غمي جو موقعو، تنگدستي هجي يا مال جي گھڻائي اسان کي هر حال ۾ شريعت جو دامن نه ڇڏڻ گھرجي ڇوته شريعت جي پيروي ڪرڻ سان اسان کي دنيا ۾ به گھڻيون برڪتون ملنديون آهن ۽ آخرت ۾ به ان جو اجرو ثواب ملندو ۽ شرعي احڪامن جي خلاف ورزي ڪرڻ واري کي آخرت ۾ ته ان جو عذاب ڀوڳڻو پوندو پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙي شخص کي دنيا ۾ به ماڻهن جي لاءِ عبرت جو نشان بڻايو ويندو آهي۔