Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته اِعتڪاف دَوران نيڪيون ڪرڻ جا ڪيتري قدر مَوقعا ملندا آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت رَمَضانُ المُبارَڪ ۾ اعتڪاف جي نظام کي مُنَظَّم ڪرڻ جي لاءِ ڪيئي مجالس ۽ ذمه دار مقرر ڪيا ويندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ نه صرف پاڪستان بلڪ دُنيا جي مختلف ملڪن جي سوين مسجدن ۾ سڄي رَمَضانُ المبارَڪ ۽ آخِري عَشره ۾ اِجتِمَاعي اِعتِڪاف جو اهتمام ڪيو ويندو آهي۔ ان ۾ هزارين اسلامي ڀائر مُعتَڪف ٿي پنج وقته نماز باجماعت اَدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻي نفلي عبادات جي سعادت به حاصل ڪندا آهن، هن کان علاوه اعتڪاف ۾ وُضو، غسل ،نماز، روزي جا ۽ ٻيا شرعي مسئلا به سکاريا ويندا آهن ۽ روزانو ظهر ۽ تراويح کان پوءِ 2 مدني مُذاڪرن جي ذريعي شيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه سان ڪيل سُوالن جا دِلچسپ ۽ علم و حڪمت سان ڀرپُور جوابن سان معلومات جو وڏو خزانو به هٿ ايندو آهي۔ اميرِ اهلسُنَّت هي مُبارڪ صحبت ملندي آهي، عالمي مدني مرڪزفيضانِ مدينه باب المدينه ڪراچي ۾ ٿيڻ واري سڄي رمضان جي اِعتڪاف جي تيارين کي مزيد تيز ڪريو۔
عالمي مدني مرڪز جي علاوه ٻين ڪيئي شهرن ۾ به سڄي رمضان جو اعتڪاف ٿيندو، تمام عاشقانِ رمضان پنهنجي شهر جي متعلقه ذمه دارن سان ان جي معلومات حاصل ڪري هاڻي کان تياري شروع ڪري ڇڏيو۔
رحمتِ حق سے دامن تم آکر بھرو مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف
سنتیں سیکھنے کے لیے آؤ تم مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف
تم سُدھر جاؤ گے پاؤ گے برکتیں مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف
فضلِ ربّ سے ہدایت بھی مل جائے گی مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف
نیکیوں کا تمہیں خوب جذبہ مِلے مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف
ربّ کی رحمت سے جنّت میں پاؤ گے گھر مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف
(وسائلِ بخشش مرمم،ص،639)
صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب! صلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد