Book Name:Mot ke Holnakian Shab-e-Bra'at
کي بچائڻ ۽ ڏينهن رات نيڪين ۾ گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي تحت سڄي رمضان جي مهيني جي اِعتڪاف ۾ شرڪت جي نه صرف پاڻ نِيت ڪيون بلڪ ٻين اسلامي ڀائرن تي به اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به تيار ڪيون۔ فرمانِ مُصطَفٰيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: مَنِِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ يعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتِڪاف ڪيو، ان جا اڳوڻا سمورا گُناھ بخشيا ويندا۔'' (جامع صغير ص۵۱۶الحديث۸۴۸۰)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٿي سگھي ته هر سال نه ته زِندگي ۾ گھٽ مان گھٽ هڪ ڀيرو ته سڄي رَمَضانُ المبارَڪ جو اِعتڪاف ڪرڻ ئي گھرجي۔اسان جا پيارا آقا، مٺا مٺا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ خصُوصاً رَمَضان شريف ۾ عبادت جو خُوب اهتِمام ڪندا هئا۔ جيئن ته رَمَضان جي مهيني ۾ ئي شبِ قدر کي به پوشيده رکيو ويو آهي، ان ڪري ان مُبارَڪ رات کي ڳولهڻ جي لاءِ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيرو سڄي مبارَڪ مهيني جو اعتِڪاف ڪيو۔ ۽ ائين به مسجِد ۾ رهڻ نهايت وڏي سَعادَت آهي ۽ مُعتَڪف جي ته ڇا شان آهي جو رِضاءِ الهٰي عَزَّوَجَلَّ حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي سڀني مصروفيتن کان فارِغ ڪري مسجِد ۾ ويهي رهندو آهي۔ فتاويٰ عالمگيري ۾ آهي؛ ''اعتِڪاف جون خوبيون بلڪل ئي ظاهر آهن، ڇوته هن ۾ ٻانهو اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪمَّل طور تي پنهنجي پاڻ کي اللہ عَزَّ وَجَلَّ جي عبادت ۾ مصروف ڪندو آهي ۽ دُنيا جي ان تمام مصروفيتن کان جدا ٿي ويندو آهي جيڪي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي قُرب جي راھ ۾ رڪاوٽ ٿينديون آهن ۽ مُعتَڪف جو سمورو وقت حَقيقةً يا حُڪماً نَماز ۾ گذرندو آهي۔ (ڇوته نَماز جو انتِظار ڪرڻ به نماز جيان ثواب رکي ٿو) ۽ اعتِڪاف جو اَصل مقصد جماعت سان نَماز جو انتِظار ڪرڻ آهي ۽ مُعتَڪف ان (ملائڪن) کان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي اللہ عَزَّ وَجَلَّ جي حڪم جي نافرماني نه ڪندا آهن ۽ جيڪو انهن کي حُڪم ملندو آهي ان کي ادا ڪندا آهن ۽ انهن سان مُشابَهت رکي ٿو جيڪي ڏينهن رات اللہ عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح (پاڪي) بيان ڪندا رَهندا آهن ۽ ان کان بيزار ناهن ٿيندا۔ (فتاوي عالمگيري ج۱ ص۲۱۲)