Book Name:Lalach Ka Anjaam

ويندو آهي، لالچ جي سبب انسان ماڻهن جي اِحسانن کي وساري ڇڏيندو آهي، لالچ انسان کي غِيبَت، چُغَلخوري، دل آزاري ۽ اِلزام تَراشي تي اُڀاريندي آهي، لالچ فتنن کي جاڳائيندي آهي، لالچ چڱي بُري جي تميز ختم ڪندي آهي، لالچ اِنسان کي ظُلم تي اُڀاريندي آهي، لالچ وڏن جي ادب کان مَحروم ڪندي آهي،لالچ ڀلائي ۽ خَير خواهي جو جذبو خَتم ڪندي آهي، لالچ اِنسان کي مَفاد پَرَستي سيکاريندي آهي، لالچ اِنسان جي دل مان همدردي جو جذبو ڪڍي ڇڏيندي آهي، لالچ دُنيا ۽ آخرت ۾ ذِلّت ۽ رُسوائي جو سبب ٿيندي آهي، لالچ اِنسان کي بي سُڪوني ۾ مُبتَلا ڪندي آهي، لالچ اِنسان کي اَڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي، لالچ اِنسان کي ذليل ڪرائيندي آهي ۽ لالچ جو اَنجام گھڻو ڀيانڪ هوندو آهي۔ مطلب ته لالچ جون تباھ ڪاريون ايتري قَدر گھڻيون آهن جو. اَلْاَمَان وَالْحَفِيظ

تنهنڪري عقلمندي هن ۾ آهي ته اسان لالچ ۽ ٻين جي مال تي نَظَر رکڻ کان بچندي قَناعت ۽ سادَگي کي اپڻايون، ائين اسان جي زندگي(Life) به پرسُڪون گذرندي ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ به اسان کي هن جون خوب خوب بَرَڪتون نصيب ٿينديون۔ بَيان ڪيل حڪايت مان اهو مَدَني گل به مِليو ته ڪنهن جي خِلاف سازِش ڪرڻ جو اَنجام نهايت بُرو ٿيندو آهي ڇوته جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽيندو آهي، آخرڪار هڪ ڏينهن اهو پاڻ ان کڏ ۾ وڃي ڪرندو آهي،جيئن ته

جيڪو ڪنهن لاءِ کڏ کوٽي ته اهو پاڻ ئي ان ۾ ڪرندو!

 حضرت سَيدُنَا عَبدُاللہ  بِن عبّاس رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهمَا کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت ڪعب رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه ان کي چيو: ”تَورات شريف ۾ آهي ته جيڪو شخص پنهنجي ڀاءُ لاءِ کڏ کوٽيندو آهي اهو پاڻ ان ۾ ڪري پوندو آهي۔حضرت سَيدُنَا عَبدُاللہ  بِن عبّاس رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهما جن فرمايو:”ان طرح جو مَضمون ته قرآٓنِ ڪريم ۾ به مَوجود آهي۔حضرت ڪعب رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه پڇو: ڪاٿي آهي؟ پاڻ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْهما اِرشاد فرمايو: هي آيت پڙھو: