Book Name:Lalach Ka Anjaam

پڑوسی بَنا مجھ کو جنّت میں اُن کا         خدائے محمد برائے مدینہ

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر        ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

کاڌي جو حِرص

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! جهڙي طرح مال ۽ دَولت جو حِرص اسان جي مُعاشَري کي اُڏوهي وانگر کائي رهيو آهي، اهڙي طرح کائڻ پيئڻ جي حِرص به هاڻي هر هنڌ پنهنجي جاءَ سنڀالي آهي۔ جيئن ته ٻار هجي يا وڏو، جوان هجي يا پوڙهو مَرد هجي يا عَورت، اَمير هجي يا غريب اَلغَرَض کاڌي جي حِرص هر هڪ کي پنهنجو شيدائي بڻائي رکيو آهي۔ ماڻهو پيسا ڏئي بازاري شين ۽ کاڌن سان گڏوگڏ طرح طرح جون بيماريونبه خريدڻ ۾ مصروف آهن، هر طرف کائڻ پيئڻ جي شين جي خريداريءَ جي ڌُوم مَتل آهي، فوڊ ڪلچر جو دؤر هلي رهيو آهي، هڪ هڪ محلي ۾ ڪيترائي هوٽل کليل آهن، هرطرف ڪباب سموسا، رول، حَلوه پُوري، ڪليجي، اوجهڙي، فِش(مڇي) فَرائي،فِنگر چِپس (Finger Chips)، ڏهي بڙا ۽ آلو ڇولي جا ٺهيلا نظر اچي رهيا آهن چئن پاسي بِرياني،پلاؤ،نهاري،پايا، سَجّي، تافتان، شِيرمال،بَرگَر، پزّا،پراٺن، سيخ ڪباب، بروسٽ، چِڪن تِڪن ۽ باربِي ڪيو جي خوشبو ڦهليل آهي، چانھ، ڪافي،آئِسڪريم، رَبڙي، لَبِ شِيرين، لَسّي، فُروٽ چاٽ ۽ ڪولڊرنڪس جي دڪانن جون خوب بهارون آهن. ضرورتمند خريدارن سان گڏوگڏ ڪيترائي ماڻهو فقط نفس جي لذت جي خاطر کائڻ پيئڻ جي شين مٿان بي تاب انداز ۾ ڦيريون پيا ڏين. جيڪو هٿ ۾ آيو ڦَڪي رهيا آهن، جيڪو مليو هڙپ ڪري رهيا آهن، عُموماً شادي ڪاڄ ۽ وَليمي وغيره جي تقريبن تي ان طرح جا نظارا عام هوندا آهن۔ کاڌي جو اعلان ٿيندي ئي کاڌي جا حَرِيص ان زوردار طريقي سان کاڌي تي پوندا آهن جيئن بکايل دَرِندا پنهنجي شِڪار تي حملو ڪندا آهن۔ هن دَوران کاڌي جو وُضو ڪرڻ ته رهيو پري، بِسْمِ اللہ  شريف ۽ کائڻ جي دُعا به