Book Name:Lalach Ka Anjaam

یاخدا ماہِ رمضاں کے صدقے              سچّی توبہ کی توفیق دیدے

نیک بن جاؤں جی چاہتا ہے                 یاخدا تجھ سے میری دعا ہے

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  ٻڌو اوهان! سرڪارِ مدينه صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري قدر بهترين اَنداز ۾ حِرص جي باري ۾ اسان جي رَهنمائي فرمائي ته انسان جو حرص ڪڏهن پورو ناهي ٿيندو، جيڪڏهن ان کي سون سان ڀريل وادِيون به مِلي وڃن تڏهن به وڌيڪ جي خواهش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن به هو اهو نٿو سمجھي ته بس هاڻي مون کي مال ۽ دَولت جي ضرورت ناهي۔ بهرحال اسان کي گھرجي ته اسان مال کان دل لڳائڻ جي بدران ان کي چڱن هنڌن تي خرچ ڪري پنهنجي لاءِ نجات جو سامان ڪريون۔ اسان جا بُزرگ سڳورا رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهم  اَجْمَعِين مال جي حقيقت کان چڱي نموني واقف هئا، اهو ئي سبب آهي جو اهي حضرات سڄي زندگي مال جي مَذَمَّت ۽ ان جي تباھ ڪارين کي بيان ڪندا رهيا۔ اچو! عبرت جي لاءِ بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهم  اَجْمَعِين جا ڪجھ قول ٻڌو ۽ مال جي مَحَبَّت کي هميشه جي لاءِ پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪڍي ڇڏيو، جيئن ته

مال جي مَذمَّت جي باري ۾ بُزرگ سڳورن جا قول

٭   حُجَّة الْاِسْلام حضرت سيدُنا امام محمد غَزالي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه تحرير فرمائن ٿا: حضرت سَيدُنا حسن بَصْري رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمايو: ته خدا عَزَّوَجَلَّ جو قسم! جيڪو درهم (يعني دولت) جي عزّت ڪندو آهي اللہ  ربّ العزّت ان کي ذلت ڏيندو آهي، ٭ منقول آهي سڀ کان پهريان درهم ۽ دينار بڻيا ته شيطان ان کي کڻي ڪري پنهنجي پيشانيءَ تي رکيو پوءِ ان کي چميائين ۽ چيائين جنهن هنن سان محبت ڪئي اهو منهنجو غلام آهي. ٭ حضرت سيّدُنا سُمَيط بن عَجلان رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: درهم ۽ دينار(مال ۽ دولت) منافقن جا لگام آهن اهي انهن جي ذريعي دوزخ جي طرف ڇڪيا ويندا ٭ حضرت سيّدُنا يحييٰ بن مُعاذ رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، درهم وڇون آهن، جيڪڏهن توهان ان جي زهر جو ٽوڙ نه ٿا ڄاڻو ته ان کي نه پڪڙيو، ڇو ته جيڪڏهن ان ڏنگ هنيو ته ان جو زهر توهان کي