Book Name:Lalach Ka Anjaam

مري ويا ۽ سون جيئن جو تيئن پيو رهيو. جڏهن حضرت سيّدُنا عيسيٰ روح ا لله عَلَيه السَّلَام واپس موٽيا ته ڪجهه ماڻهو پاڻ عَلَيه السَّلَام سان گڏ هئا، پاڻ عَلَيه السَّلَام سون ۽ ٽنهي لاشن جي طرف اشارو ڪري ساٿين کي فرمايائون، ڏسو دنيا جو هي حال آهي ته پوءِ توهان تي لازم آهي ته ان کان بچندا رهو.

(اِتحافُ السَّا دَ ة،ڪتاب ذم البخل… الخ،۹/۸۳۵ ملخصاً)

دُنیا کو تُو کیا جانے یہ بِس کی گانٹھ ہے حَرَّافہ

صورت دیکھو ظالم کی  تو کیسی بھولی بھالی ہے

شہد دِکھائے زہر پلائے، قاتل، ڈائن، شوہر کُش

اس مُردار پہ کیا للچایا دنیا دیکھی بھالی ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حڪايت مان معلوم ٿيو ته مال ۽ زر جو حِرص گناهن تي اُڪسائيندو آهي، مال ۽ زر جو حِرص قَتل ۽ غارَت گَري تي اُڀاريندو آهي، تنهنڪري خوابِ غفلت مان بيدار ٿي وڃڻ گهرجي، مال وزر،عزت ۽ منصب ۽ گناهن جي حرص کان پيڇو ڇڏايو ۽ نيڪين جو حريص بڻجڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي ڪري  ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ۽ پنهنجي قبر ۽ آخرت کي سنواريو ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم صداءِ مدينهلڳائڻ به آهي۔اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شورٰي جي طرف کان هن مَدَني ڪم جو رسالو بنامصداءِ مدينهبه منظرِ عام تي اچي چڪو آهي. دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net  تان هن رسالي کي پڙهي به سگهجي ٿو، ڊائون لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آئوٽ (Print out) به ڪري سگهجي ٿو.

٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ صَداءِ مدينه جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي