Book Name:Lalach Ka Anjaam

ڪريو ۽ اها مَدَني سوچ ماڻڻ جي لاءِ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي اختيار ڪريو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي ڪم و بيش 104 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ ۾ مصروفِ عمل آهن، انهن مان هڪ شعبو مدني چينل به آهي.

اميراهلسنت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ۽ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ وڏي شدّت سان محسوس ڪيو ته مسلمانن جي گھرن مان T.V ڪڍرائڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، تنهنڪري هڪ ئي صورت نظر آئي ۽ اها هي ته جهڙي طرح دريا ۾ ٻوڏ ايندي آهي ته ان جو رخ فصلن وغيره جي طرف موڙيو ويندو آھي ته جيئن فصل به سيراب ٿين ۽ آبادين کي به تباهي کان بچائي سگھجي بلڪل انهيءَ طرح T.V ئي جي ذريعي مسلمانن جي گھرن ۾ داخل ٿي ڪري انهن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪيو وڃي، جڏھن هن شعبي جي باري ۾ معلومات حاصل ڪئي وئي ته خبر پئي ته پنهنجو T.V چينل کولي، فلمن ڊرامن، ڳائڻ وڄائڻ، موسيقي جي ڌُنن ۽ عورتن جي نمائش کان بچندي 100 فيصد اسلامي مواد فراھم ڪرڻ ممڪن آھي ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شُورٰي خوب جدوجهد ڪري رمضانُ المبارڪ 1429ھ سيپٽمبر (2008) کان مدني چينل جي ذريعي گهر گهر سنّتن جو پيغام عام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان جا حيرت انگيز مدني نتيجا سامهون اچڻ لڳا۔

 

مَدَنی چینل کی مُہِم ہے نفس وشیطاں کے خلاف         جو بھی دیکھے گا کرےگا اِنْ شَآءَ اللہ اِعتراف

نَفْسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار        شرمِ عصیاں کے سبب ہوگا گنہگار اَشکبار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بَيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اڄ جي بَيان ۾ اسان ٻڌو ته ٭ لالچ جي سبب انسان