Book Name:Lalach Ka Anjaam

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ:  نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُاللہ  , تُوبُوا اِلَـي اللہ ! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

لالچ بُري بلا آهي!

حضرت سَيدُنا ابُو هرَيرَه رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته نبي پاڪ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: بَنِي اِسرَائِيل ۾ ڪيئي عجائب (Wonders) هئا، تنهنڪري ماڻهن کي انهن جي باري ۾ ٻڌائيندا ڪيو جو هن ۾ ڪو حَرَج ناهي، جيڪڏهن مان توهان وٽ ٻن پوڙهين عَورتن جو قِصَّو بَيان ڪيان ته ضَرور توهان کي تَعَجُّب ٿيندو۔ صَحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عَرض ڪيو، يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اِرشاد فرمايو، ته نبي اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بَنِي اِسرَائِيل جو هڪ شخص پنهنجي گھرواريء سان گھڻي مَحَبَّت ڪندو هو، انهن