Book Name:Lalach Ka Anjaam

سخت ٿي ويندو آهي اهو دنيا جي آفتن ۽ رنگينين ۾ غرق ٿي ويندو.

(اَلمُنَبِّھات لِلْعَسْقَلاني، بابُ الخَماسي ص۵۹) 

مجھے بھوک کی دے سعادت الہٰی                             پئے غوث دے استِقامت الہٰی

پيٽوءَ تي گناهن جوحملو

حُجَّة الْاِسْلام حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: وڌيڪ کائڻ سان عضون ۾ فتنو پيدا ٿئي ٿو، اعضاء ۾ فساد پيدا ڪرڻ ۽ بيهوده ڪم ڪرڻ جي دلچسبي پيدا ٿيندي آهي، ڇو ته جڏهن انسان خوب پيٽ ڀري کائيندو آهي ته ان جي جسم ۾ تڪبر ۽ اکين ۾ بدنگاهي جي خواهش پيدا ٿيندي آهي ڪَنَ بُريون ڳالهيون ٻُڌڻ جا مشتاق رهندا آهن، زبان فحش گوئي تي آماده ٿيندي آهي، شرمگاهه شهوت جي تقاضا ڪندي آهي. پير ناجائز جڳهن جي طرف هلڻ جي لاءِ بيقرار ٿيندا آهن. ان جي خلاف جيڪڏهن انسان بُکيو هجي ته بدن جا سڀئي عضوا پُرسڪون رهندا. ۽ نه ئي ڪنهن بُرائيءَ جي لالچ ڪندا ۽ نه ئي بُرائي کي ڏسي ڪري خوش ٿيندا.

حضرت سيدنا ابو جعفر رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه جو ارشادِ گرامي آهي، پيٽ جيڪڏهن بُکيو هجي ته جسم جا باقي عضوا پُرسُڪون هوندا آهن، ڪنهن شيءِ جو مطالبو ناهن ڪندا ۽ جيڪڏهن پيٽ ڀريل هجي ته ٻيا عضوا بُکيا رهڻ جي سبب مختلف بُراين ڏانهن رجوع ڪندا آهن۔ (مِنهاجُ الْعابِدين ،الفصل الخامس في البطن…الخ،ص۸۲-۸۳)

 

حِرْصِ دنیا نکال دے دل سے         بس رہوں طالبِ رضا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 مَدَني چينل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو! کاڌي جو حِرص به اِنسان کي ڪيئي بُرائين ۽ نقصانن جي دلدل ۾ وجهي ڇڏيندو آهي، تنهنڪري جيستائين ممڪن ٿئي ته سُنّت مطابق بک کان گھٽ کائڻ جي عادت بڻائي ان جون بَرَڪتون حاصِل