Book Name:Lalach Ka Anjaam

سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ ٭ "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ ٭ "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، اللہ  پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ ٭ "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ ٭ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ کي صَداءِ مدينهلڳائڻ چوندا آهن ۽ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفٰي ۽ سنتِ صحابه آهي، جيئن ته

اَمِيرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف کڻي ايندا ها۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً) اچو ترغيب طور صداءِ مدينه لڳائڻ جي هڪ مدني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو، جيئن ته

صَداءِ مدينه جي بَرَڪت سان فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين ملي وئي

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا، اَذانِ فَجر کان بعد اهي صداءِ مدينه لڳائيندا وڃي رهيا ها ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان انهن سان گڏ شامِل ٿيو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه جي لاءِ زمين به ڏئي ڇڏي۔