Book Name:Lalach Ka Anjaam

آٓفتن، پريشانين ۽ مصيبتن ۾ گرفتار ٿي ويندو آهي۔ ٭ لالچ جي ڪري انسان ڪيئي نعمتن کان محروم ٿي ويندو آهي۔ ٭ لالچ پوڙهائپ تائين به جان نٿي ڇڏي۔ ٭ لالچ جي گندگي سان بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهم  اَجْمَعِين جو دامن ڪڏهن داغ دار نه ٿيو۔ ٭ لالچ جي ڪري انسان ڪيئي بُرائين ۾ مُبتَلا ٿي ويندو آهي۔ ٭ لالچ خون خرابو ڪرائيندي آهي۔ ٭ لالچ جي ڪري انسان ٻين کي ڌوڪو ڏيندو آهي۔ ٭ لالچ اللہ  پاڪ جي ياد کان غافل ڪندي آهي۔ ٭ لالچ چڱي صحبت کان محروم ڪندي آهي۔ ٭ لالچ حلال ۽ حرام جي تميز وساري ڇڏيندي آهي۔ اللہ  ڪريم اسان کي لالچ جهڙي بري آفت کان محفوظ ڪري نيڪين جي حِرص جي لازوال نعمت سان سرفراز فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

تَوَڪل ۽ قَناعت جا مَدَني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي تَوَڪل ۽ قَناعت جا ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿا، پهريان ٻه فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه ڪريو: (1)قَناعت ڪڏهن خَتم نه ٿيندڙ خزانو آهي۔ (الزھد الڪبير،ص۸۸،حديث:۱۰۴) (2) بيشڪ ڪامياب ٿي ويو اهو شخص جنهن اِسلام آندو اُن کي بَقَدرِ ڪفايت (ضرورت مطابق) رزق ڏنو ويو ۽ اللہ  عَزَّوَجَلَّ اُن کي جيڪو ڪجھ ڏنو اُن تي قناعت به عطا فرمائي۔ (مسلم،ڪتاب الزڪاة،باب في الڪفاف والقناعة، ص۴۰۶، حديث:۱۰۵۴) ٭ انسان کي جيڪو ڪجھ اللہ  پاڪ جي طرفان مِلي ان تي راضي ٿي ڪري زندگي گذاريندي حِرص ۽ لالچ کي ڇڏي ڏيڻ کي قَناعت چئبو آهي۔ (جنتي زيور،ص۱۳۶ملخصاً) ٭ روزمَرّه اِستِعمال ٿيڻ وارين شين جي نه هئڻ تي به راضي رهڻ قَناعت آهي۔ (التعريفات للجرجاني،باب القاف،تحت اللفظ:القناعة، ص۱۲۶) ٭ شيخ ابو علي دَقَّاق رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: تَوَڪل جا ٽي (3) دَرَجا آهن: (1) اللہ  پاڪ جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ، (2) ان جي حڪم اڳيان سَرِ تسليمِ خَم ڪرڻ ۽ (3)